عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ ٻن ٻارڙن سان ماستر پاران مبينا غيراخلاقي حرڪتون، ٻارڙن پاران گهر ٻڌائڻ تي وارث ٿاڻي تي پهچي ويا، ڪيس داخل نه ٿيو، ماستر گرفتار. خبر موجب شهر جي شيواڻي پاڙي جا ٻه معصوم ٻارڙا ڌيرج مالهي ۽ پوجا مالهي گذريل رات مندر کان واپس گهر وڃي رهيا هئا ته ماستر ڀڳوانداس هرچنداڻي پاران مبينا طور نشي واري حالت ۾ ٻنهي ٻارڙن سان غيراخلاقي حرڪتون ۽ زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان ڏس ۾ ٻنهي ٻارڙن ڀڄي گهر پهچي پنهنجي والد پريتم مالهي کي ٻڌايو، جنهن بعد وارث ۽ رشتيدار وڏي تعداد ۾ عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي ڀڳوانداس هرچنداڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهچي ويا، معصوم ٻارڙن ٻڌايو ته ماستر ڀڳوانداس هرچنداڻي روزانو اسان کي 50 رپين جي لالچ ڏئي غيراخلاقي حرڪتون ڪندو رهي ٿو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ذريعن موجب عمرڪوٽ پوليس الزام هيٺ آيل ماستر ڀڳوانداس هرچنداڻي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.