عمرڪوٽ(رپورٽ: ) عمرڪوٽ شهر جي عائيشه مارڪيٽ جي ٻن ٻارڙن سان سرڪاري ماستر پاران 50 رپين جي لالچ ڏئي نشي واري حالت ۾ مبينا طور غيراخلاقي حرڪتون ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ وارو مامرو: ڪيس داخل، ماستر جو ڀاءُ گرفتار خبر موجب، عمرڪوٽ: گذريل رات ڌيرج مالهي ۽ پوجا مالهي مندر کان ٿي گهر وڃي رهيا هئا ته خاصخيلي پاڙي وٽ جوابدار ماستر ڀڳوانداس هرچنداڻي مبينا طور غيراخلاقي حرڪتون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد ٻارڙن پاران اها ڳالھ پنهنجي مائٽن کي ٻڌائڻ تي وارث ۽ رشتيدار ٿاڻي تي پهچي ٻارڙن جي والد پريتم مالهي جي فرياد تي ماستر ڀڳوانداس هرچنداڻي مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو جنهن بعد عمرڪوٽ پوليس ماستر ڀڳوانداس هرچنداڻي جي عيوضي ۾ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.