عمرڪوٽ (ن پ ا) غلام نبي شاھ لڳ شادي شده عورت پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، فوتڻ جي وارثن طرفان ساھرن تي تنگ ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جو الزام، گھر ۾ ڪھرام متل. غلام نبي شاهه ڀرسان ڳوٺ مندر ڀٽ ۾ 27 سالن جي شادي شده عورت شريمتي درگا زال پھلاج ڪولهي ڪکائين چوئنري جي لاٽڻ ۾ اڳٺ ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، جنھن جي اطلاع تي غلام نبي شاهه پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پٿورو اسپتال نيو ويو، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتڻ عورت شريمتي درگا ڪولھي جي وارثن الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي ڌيءُ کي ساھرا تنگ ڪندا هئا ۽ گذريل ڏينھن هن پنھنجي مڙس کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آهي، ٻئي طرف فوتڻ جو لاش گھر پُھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، پوليس ٻڌايو ته اسان کي جيئن اطلاع مليو ته ڳوٺ مندر ڀٽ تي پهتاسين جتي ناري جو لاش چوئنري جي لاٽڻ ۾ اڳٺ سان ٽنگيل هو وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي.