عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي عدالت احساس ڪفالت سينٽر تان غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار 17 ڊوائيس مالڪن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. عمرڪوٽ ضلعي ۾ آيل احساس ڪفالت جي رقم وٺڻ لاءِ ويندڙ مستحق عورتن جي پئسن مان غيرقانوني طور تي 5 سو کان 1 ھزار رپيا ڪٽوتي خلاف عوامي شڪايتن ۽ احساس ڪفالت سينٽر جي اسسٽنٽ ڪمپلين ڀليڏنو ساند جي فرياد تي غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ جو عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي 17 ڊوائيز مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ بعد عمرڪوٽ پوليس لجپت راءِ، آفتاب علي، ڀمرو، راجيش ڪمار، جگديش ڪمار، آصف علي، راج ڪمار سميت 17 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو هو، جوابدارن جي وڪيل پاران سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت ۾ 17 ڊوائيز مالڪن جي ڏنل ضمانت واري درخواست کي عدالت سڳوري رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 17 ڊوائيز مالڪ پهرين کان جيل حوالي ٿيل آهن.