عمرڪوٽ: وارثن پاران پنجن ٻارن جي ماءُ جي فوت ٿيڻ جو ڊاڪٽرياڻي مٿان الزام

0
175
ڊاڪٽرياڻي مٿان الزام
عمرڪوٽ: وارثن پاران پنجن ٻارن جي ماءُ جي فوت ٿيڻ جو ڊاڪٽرياڻي مٿان الزام

عمرڪوٽ:ڳوٺ جنجھي تعلقو ڇاڇرو واسڻ 25 سالا عورت مبينا غلط ڊي اين سي سبب فوت ٿي وئي، وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي الزام هنيو ويو آهي.

فوتڻ جي ڀاءُ پليو جنجھي الزام هنيو آهي ته پروين زال محمد جمن جنجھي جو موت عمرڪوٽ جي ڊاڪٽرياڻي ديوي شام جي مبينا غفلت سبب ٿيو آھي، هن چيو ته پروين اميد سان ھئي ڊاڪٽرياڻي ڊي اين سي جو چيو ۽ جسم جي نازڪ عضوي تي زخم ڪيو،

وارثن چيو ته پنجن ٻارڙن جي ماءُ مري وڃڻ سبب گھر اجڙي ويو آھي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن. هوڏانهن ڊاڪٽرياڻي ديوي شام جو موقف آهي ته پروين جنجھي کي جڏھن مون وٽ وٺي آيا ته هن ٻڌايو ته ٻار پيٽ ۾  آھي ۽ 10 15 ڏينھن کان رت اچي رهي آهي. مون ڊي اين سي ڪئي ته پروين انڪار ڪيو ۽ روانو ٿي ويا، واپس مون وٽ مريض نه آيو، منھنجو ڪو قصور ناھي الزام غلط آھن.