عمرڪوٽ (رپورٽر) نڪاح واري ڪيس ۾ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ ضمانت لاءِ پھتل وڪيل جنيد ڪنڀر تي عمرڪوٽ پوليس جو تشدد انھي حوالي سان وڪيل جي والد قاسم ڪنڀار ڀاءُ تيمور ۽ صدام چيو ته وڪيل جنيد ڪنڀر ٻه سال اڳ حرا ولد ڊاڪٽر يوسف ڪنڀار سان ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو جيڪا شادي ڏيڍ سال ھلي جنھن بعد ڇوڪريءَ جي وارثن ڇوڪريءَ کي زبردستي گھر ويھاري ڇڏيو ۽ وڪيل جنيد ڪنڀر کي مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي دربدر ڪيو وڃي پيو اھڙو ئي ھڪ نڪاح وارو ڪيس ھلندڙ آھي جنھن جي ضمانت لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ رجوع ڪيو ھو ھاءِ ڪورٽ حڪم ڪيو ته ضمانت لاءِ سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ درخواست ڏيو جنھن جي ضمانت واري تاريخ ڇنڇر تي لڳل ھئي پر ڪجھه سببن ڪري شورٽي جمع نه ٿي تنھن تي عمرڪوٽ پوليس 5 موبائيلن جي اٽالن سان ڪورٽ ٻاھريان وڪيل تي سخت تشدد ڪرائي گرفتار ڪيو، جيڪو ظلم جي انتھا آھي ھنن وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته ھڪ ته اسانجي وڪيل ڀاءُ تي پ پ جي ڀوتارن جي چوڻ تي پوليس تشدد ڪري ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي طرف ڊاڪٽر حرا يوسف ڪنڀار جي سئوٽ وڪيل فيروز ڪنڀار چيو ته ھنن جعلي نڪاح نامه ٺھرائي اسان کي اجايو تنڱ ڪيو آھي جڏھن ته چار دفعا ھنن جي ھاءِ ڪورٽ ضمانت رد ڪئي ھئي ۽ وري ھاءِ ڪورٽ ھنن کي چيو ته اوھان مقامي ڪورٽ مان وڃي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرايو جڏھن ته عمرڪوٽ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ وڪيل جنيد پيش ٿيو جڏھن ته ھڪ لک رپئي جي ضمانت واري شورٽي جمع ڪرائڻي ھئي پر جوابدار شورٽي جمع ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو ۽ بعد ۾ ڪورٽ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس گرفتار ڪيو ۽ الزام بي بنياد آھن.