اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ فوج وچ ۾ ويڇا پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهن. پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ويڇا ختم ٿين ته ملڪ ۾ استحڪام ايندو، فوجي قيادت سمجهي هو ڪنهن عليحدگي پسندن يا دهشتگردن سان جنگ نه پئي وڙهي، هتي بندوق نه آئيڊياز گھرجن.