ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت کانپوءِ پ پ چيئرمين به لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو ته بروقت لاڪ ڊائون ڪري ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو، ڪورونا وگهي فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ صوبائي حڪومتن جي نااهلي سبب ڪورونا پکڙيو، بروقت لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ڪورونا تي ضابطو اچي پي سگهيو، هن چيو ته عمران خان ٻڌائي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ جوڙيل ٽائيگر فورس ناڪام ٿي وئي؟ هتي وزيراعظم ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ دوران اجلاس جي صدارت ڪئي، جڏهن وزيراعظم احتياط نٿو ڪري ته عام ماڻهو ڪيئن احتياط ڪندو؟ هن چيو ته ويڪسينيشن واحد حل آهي، جنهن سان معاشي مشڪلاتن کان بچي سگهجي ٿو، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ويڪسين نه هجڻ برابر آهي، حڪومت چاهي ها ته بروقت ڪورونا ويڪسين خريد ڪري وٺي ها،پر عمران خان جي ڪوشش هئي ته مفت ۾ ڪورونا جي ويڪسين ملي، هن چيو ته چين امداد نه ڏئي ها ته فرنٽ لائين هيلٿ ورڪر به ڪورونا جي ويڪسين لڳرائي نه سگهن ها، عمران خان کي ڪورونا رليف فنڊ جي رپئي رپئي جو حساب ڏيڻو پوندو.