اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي مخالف ڌر جي پارٽين مسلم ليگ (نواز)، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) وزيراعظم جي دعوائن کي رد ڪندي سندس اڍائي سالن جي حڪومتي دور کي عوام لاءِ عذاب جو دور قرار ڏنو ، مسلم ليگ (نواز) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم صاحب 2018ع کان 2021ع تائين ملڪ تباهه ٿيو آهي، ملڪ جو وزيراعظم کنڊ، بجلي، گيس، دوائن جو چور هجي ته عوام تباهه ٿي ويندو آهي، توهان کي پنهنجي گذريل اڍائي سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي فخر نه پر شرم اچڻ گهرجي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو ته عمران نيازي صاحب جو اڍائي سالن جو اقتدار عوام تي عذاب آهي، ان اقتدار دوران مودي والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو بڻائي ڇڏيو، عمران خان واعدو ڪيوهو ته هو خودڪشي ڪندو پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو، دنيا ڏٺو ته عمران خان ملڪي معيشت کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو، جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري چيو ته وزيراعظم جي ٽن سالن کان پوءِ الزام تراشي جي ذهنيت تبديل نه ٿي سگهي آهي، نيازي سرڪار جي 25 سالن جي جدوجهد هڪ ڪارو داستان آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو.