پشاور (م ڊ) گورنر ڪي پي ڪي شاهه فرمان چيو آهي ته عمران خان کي سياست ۾ اچڻ جو مشورو مون ڏنو هو، مارچ 1995ع ۾ کيس سياست ۾ اچڻ لاءِ خط لکيو هو، پي ٽي آءِ جي يوم تاسيس جي موقعي تي هن چيو ته سياسي ڪلچر تبديل ڪرڻ ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ پي ٽي آءِ جي وڏي ڪاميابي آهي، آئون 8 ورهين ۾هڪ ڀيرو به پرڏيهي دوري تي ناهيان ويو، اها منفرد حڪمراني آهي.