عمران کي رليف نه مليو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ پاران ٻڌڻي ملتوي

0
157
عمران خان کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت
عمران خان کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي توشا خانا ڪيس ۾ رليف نه مليو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ٻڌڻي سڀاڻي ۽ سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم اچڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق جهانگيري تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي هلائي

پي ٽي آءِ چيئرمين پاران لطيف کوسا ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا، لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ٻڌائڻ وارو توشه خانه ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

سندس چوڻ هو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي، فيصلي ۾ ايڏيون غلطيون آهن جو ان کي برقرار رکي نه ٿو سگهجي

لطيف کوسا چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج گواهن جي لسٽ جي جاچ پڙتال ڪرڻ کانسواءِ ئي ان لسٽ کي رد ڪري ڇڏيو

چيف جسٽس پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا ٽرائيل ڪورٽ جي فيصلي ۾ انهن سمورن معاملن تي فيصلو ڏنو ويو  جنهن تي سردار لطيف کوسا جواب ڏنو ته بلڪل نه، جيڪو فيصلو ٽرائيل ڪورٽ ڏنو هو هاءِ ڪورٽ انکي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته قانون جون لاڳاپيل شقون چون ٿيون ته رياست کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي رياست وٽ فيصلي جي دفاع جو حق موجود آهي رياست کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها فيصلي جو دفاع ڪندي يا نه؟

چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهانکي لڳي ٿو ته رياست اچي چوندي ته سزا غلط ڏني وئي؟  اها مختصر سزا آهي ۽ اها بنا نوٽيس جي به معطل ٿي ويندي آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو چوڻ هو ته اهڙو ڪوبه فيصلو موجود ناهي ته بنا نوٽيس سزا معطل ٿي وڃي

ڌرين جا دليل جاري هئا ته چيف جسٽس عامر فاروق  ٻڌڻي سڀاڻي تائين معطل ڪري ڇڏي

ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پڻ ٽه رڪني بينچ توشا خانه ڪيس ۾ سزا خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻيءَ ڪئي

عدالت هاءِ ڪورٽ جو آرڊر اچڻ تائين وقفو ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو آهي ته آئين ۽ قانون تحت فيصلا پنهنجي عهد موجب ڏيندا رهنداسين، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪريان ٿو

چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪريون ٿا، ميڊيا تي ڪاوڙ ۾ ججز تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، سسٽم جي خوبصورتي ئي اها آهي ته پهرين هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي

سپريم ڪورٽ ۾ وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي ٿي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي حڪم اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏيو