عمران خان مڪاني چونڊن ۾ شڪست قبولي پي ٽي آءِ جي فاتحه پڙهي ورتي: احسن اقبال

0
201
عمران خان کي ڏڦيڙ پکيڙڻ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عوام کي مبارڪ هجي، عمران خان ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو نوٽيس وٺندي پي ٽي آءِ جي فاتحه پڙهي ورتي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو آهي ته عوام ڪي پي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي پارٽيز تي اعتماد ڪندي عمران خان جي ڪوڙ تي ٻڌل سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي موجوده حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ويجهو اچي ويو

هن وڌيڪ چيو ته اڄ وري عمران خان جي ڪوڙن ڪيسز جون پيشيون ڀوڳي رهيا آهيون، سوا ٽن سالن ۾ هي حڪومت مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ تي زور ڏنو، عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو

هن چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس حڪومت 24، 24 ڪلاڪ انتقامي ڪارروائين ڪم ڪيو، حڪومت عوام لاءِ هڪ سيڪڙو به ڪم نه ڪيو، سڄي ملڪ ۾ گئس جو بحران آهي

هن چيو ته اسان ٽي مهينا اڳ اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڊسمبر ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ٿيندي، هن کنڊ جا ٽينڊر رد ڪري عوام کي مهانگي اگهه تي کنڊ وڪرو ڪئي، هر شيءِ جي منافعي خورن کي اجازت ڏئي سٽي بازي ڪرائي

هن چيو ته حڪومت ڪشميرين سان غداري ڪري رهي آهي، حڪومت عالمي سطح تي پنهنجو موقف نٿي مڃائي سگهي، عمران خان نيٽو ڪمانڊر آهي جيڪو رڳو تقرير ڪري سگهي ٿو

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سڄي زندگي چندو گهرندو رهيو آهي ۽ عوام کي به لڳائي ڇڏيو آهي، گڏيل قومون عمران خان کي خاص مددگار مقرر ڪري ته جيئن وڌيڪ چندو گڏ ڪري سگهجي