عمران خان, سيبٽمبر ۽ آڪٽوبر

0
219
عمران خان, سيبٽمبر ۽ آڪٽوبر

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2021ع  جا مھينا سياست جي چال کان ھٽي ڪري ستارن جي چال تي وڃي بيٺا ھئا.  ھن ٻن مھينن ۾ ھڪ طرف عمران خان جي ضد ھئي ته ٻئي طرف ispr جي اھا سمري ھئي جيڪا DG آئي ايس آئي جي تعيناتي جي حوالي سان پرائم منسٽر ھائوس موڪلي ويئي ھئي مگر پي ايم ھائوس ان سمري کي ٻه مھينا روڪي ڇڏيو ھو ان جي پٺيان عمران خان جي اھا غير سياسي ۽ ستارن جي چال ھئي جتان عمران خان کي محتاط رھڻ جي هدايت ملي  رھي ھئي.

ھن ٻن مھينن ۾ ھڪ طرف عمران خان ۽ سگهارين ڌرين  ۾ تلخي ۽ ويڇا نظر  آيا ته ٻئي طرف TLP روڊن تي احتجاج ۽ مظاھرا ڪندي نظر آئي.  ساڳئي طرح پيٽرول ۽ کنڊ جي اگھن ۾ اضافو،  حڪومت ۽ TLP ۾ خفيه معاھدو،TLPکي مين اسٽريم سياست ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪرڻ  ۽ ان تان تمام پابنديون ھٽائي بحال ڪرڻ جي عمل کي شروع ڪرڻ،  قوم جي لاءِ حڪومت طرفان 120 ارب روپيه جو ريليف پيڪيج  ڏيڻ،  مھانگي کنڊ وڪڻڻ سان 265 ارب روپين جو نئون اسڪينڊل،  عمران خان جا ATMڪارٽل مافيا کي انھن ٻن مھينن ۾ بي پناهه فائدو ڏيڻ۽ عالمي بينڪ جي اڳڪٿي ته ايندڙ سال پاڪستان جي غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي.  ھي اھي تمام انگ اکر آھن  جيڪي اڄ تائين اخبارن جي زينت بڻيل رھيا.  ھنن جي پٺيان عوامل ھن کان وڌيڪ آھن جنھن جو اسان صرف اندازو ئي لڳائي سگھون ٿا.

جنھن طرح ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي ملڪ جي ساک کي نقصان پھچايو ويو ۽ ٻئي طرف اسان جي پاڪ آرمي جي مورال ۽ آبرو کي ڌڪ  لڳو ڇو جو  پرائيم منسٽر ان جي تعينات ڪندڙ DG آئي ايس آئي جي سمري کي بنا سبب روڪي سياست جي چال نظرانداز ڪري  ۽ ستارن جي چال کي فوقيت ڏئي عمران خان غيرسياسي ڊرامو تخليق ڪيو  ۽ ھاڻ به ISPR جي سمري جي اصل مفھوم کي اٽڪايو ويو آھي  يعني  نوٽيفڪيشن نومبر 20 کان قابل عمل ھوندو.

ٻئي طرف TLP جيڪا ھڪ غير فعال مذھبي جماعت آھي سان ھڪ خفيه معاھدو ڪيو ويو جيڪو اڳتي ھلي خود حڪومت جي ڳلي جي ھڏي بڻجي سگھجي ٿو يا وري حڪومت جيڪا PTI جي آھي ھن TLP سان مستقبل ۾ سياسي اتحاد جي وڏي خواھش رکندي ھجي. ھي سڀ ڪجھه چوڻ وارا گھڻو ڪجھه چون ٿا جيڪو حڪومت ۽ TLP ۾ مستقبل ۾ ٿيڻ وارو آھي. چيو وڃي ٿو ته حڪومت ۽ TLP ۾ معاھدوڪجھه سببن  جي بنياد تي خفيه رکيو ويو آھي  ۽ ڪابينه کي به ھن معاھدي جي تفصيلن جي باري ۾ نه ٻڌايو ويو آھي ۽ ڪابينه جي ميمبرن کي حساس معاملي تي غير ضروري بيان ڏيڻ کان روڪيو ويو آھي صرف شاهه محمود قريشي ۽ علي محمد کي ميڊيا سان ڳالهھ ٻولهھ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آھي.

  حڪومت جي وڏي خواھش آھي ته TLP کي پاڪستاني سياست جي مين اسٽريم ۾ شامل ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي ۽ آئنده جي اليڪشن ۾ TLP جي تقريبن 80 لک ووٽرن کي PTI جي حمايت ۾ استعمال ڪيو وڃي.جنهن وقت ھي ڪالم شايع ٿيندو ان وقت تائين ڪيئي نيون خبرون  سامھون اچي چڪيون ھونديون.  ھڪ طرف وزيراعظم  قوم کي 120 ارب روپين جو رليف پيڪيج  ڏيئي رھيو آھي ته ٻئي طرف پيٽرول ۽ کنڊ مھانگي ڪئي وئي آھي ۽ حڪومت ان ڳالھه تي بضد آھي ته صرف پيٽرول سان حڪومت جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڇو ڪئي پئي وڃي.

گذريل ٽن سالن جي  خوردني تيل جون قيمتون 160 روپين کان 369 روپين تائين وڌي ويون آھن ۽  جواز اھو ٻڌايو وڃي ٿو اسان جي پاڙيسري ملڪن کان مھانگائي گھٽ آھي پر اتان جي ماڻھن جي في ڪس آمدني اسان کان وڌيڪ آھي ۽ گھٽ ۾ گھٽ في ڪس آمدني اسان جي ملڪ جي عوام جي آھي پر حڪومت کي اھي شيون نظر ئي نه ٿيون اچن ته عام ماڻھن جون زندگيون روز بروز مشڪلات جو شڪار ٿي رھيون آھن. امير وڌيڪ امير ٿي رھيو آھي ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي رھيو آھي ڪيئي ماڻھو اھو به چئي رھيا آھن ته وزيراعظم جو رليف پيڪيج سٺو آھي پر سسٽم اڃان تائين نه ٺاھيو ويو آھي رليف پيڪيج نمائشي آھي پوري طرح عملدرآمد نه ٿي سگھندو.

عمران خان جي ATM ڪارٽل مافيا کي انھن ٻن مھينن ۾ بي انتھا فائدو رسيو جنھن پيٽرول ۽ کنڊ مان اربين روپيه ڪمايا ۽ مھانگي کنڊ جي وڪري مان265 روپين جو نئون اسڪينڊل سامھون اچي ويو آھي. کنڊ جي قيمت 2 نومبر کان 123 روپيه في ڪلو ھلي رھي آھي ملڪ جي تاريخ بلند ترين سطح تي پھچي وئي آھي.  ٻئي طرف سنڌ ۾ 18 ۽ پنجاب ۾ 41 کنڊ جي وڏن بروڪرن جون گرفتاريون به ھڪ سبب ٻڌايو وڃي ٿو ۽ کنڊ گھڻن شھرن ۾ 150 روپيه في ڪلو جي حساب سا وڪامي رھي آھي.

 حڪومت ھر معاملي ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي جيڪڏهن ڪرسين تي ويھڻ جو نالو سرڪار ھلائڻ آھي ته ڪرسيون ته توھان جي گھرن ۾ به ھونديون. اھڙي طرح پيٽرول ڊيزل ۾ راتو رات اضافو ڪيو ويو صرف پنھنجن من پسند ماڻھن کي فائدو  پھچائڻ لاءِ اھو سڀ ڪجھه ڪيو ويو.

ھن حڪومت جا ڪيئي اسڪينڊلگذريل 3 سالن ۾ سامھون اچي چڪا آھن پر حڪومت ھلي ڪيئن رھي آھي اھو ڪنھن کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي.

تازوئي 821 ارب  رپين جون جيڪي نيب ريڪيوريز ڪيون ھيون اھو سمورو  پيسو  قومي خزاني ۾ نه آيا آھن انھن پيسن جا تفصيلات وٺڻ لاءِ DG  نيب ۽ آڊيٽر جنرل کي سينيٽ جي خزاني ڪاميٽي جي چيئرمين طلحه محمود سڏائي ورتو آھي ۽ اھا ڪاميٽي جاچڻ چاھي ٿي ته 821 ارب روپيا ڪھڙن بينڪ اڪاؤنٽس ۾ رکيل آھي ايترو وڏو معاملو جنھن کان نيب ۽ خود حڪومت  لاعلم آھي اھڙي گورنمينٽ ڪھڙا ملڪي معاملا ھلائيندي ھوندي جتي ڏسو انڌير ئي انڌير آھي.

اسان گذريل 40 سالن ۾ اھڙي ڪابه حڪومت ڪونه ڏٺي جيڪا ملڪي حالتن ۽ واقعن کان لاعلم ھجي ۽ ان کي ھي به خبر نه ھجي ته مھانگائي ڇو ٿي رھي آھي؟  ۽ ان جي حڪومت ۾ پيٽرول کنڊ مافيا خود شامل ھجي ۽ اھا به خبر نه ھجي ته روپئي جي قيمت ڇو ڪري رھي آھي ۽ ڊالر جي قيمت ڇو وڌي رھي آھي؟ اھا حڪومت جڏھن ختم ٿيندي ته خبر ناھي ته ھن گورنمينٽ جي ماڻھن سان ڇا حشر ٿيندو؟