عمران خان جي سياسي امتحان جي پرک

0
124
عمران خان جي سياسي امتحان جي پرک

  ڇا عمران خان پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ تاريخ جي هڪ وڏي سياسي امتحان جي پرک مان گذري پيو؟ سياست جي دنيا مسلسل تضادن ۽ ٽڪرائن جي دنيا آهي انهيءَ جا ٽڪراءُ ۽ تضاد پنهنجي ارتقائي سفر ۾ گھٽ وڌ ٿيندا رهندا آهن پر اقتدار ۾ اچڻ سان انهن ۾ شدت وڌندي آهي ۽ اقتدار جي وڃڻ کان پوءِ وڌيڪ شدت پيدا ٿيندي رهندي آهي. هڪ اهڙي رياست جي اندر جتي سياسي پارٽين کي گھڻ رخي ٽڪرائن مان نه رڳو گذرڻو ٿو پئي گھڻ رخي مفادن ۽ اتحادن مان گذرڻو ٿو پئي ۽ خاص ڪري جن ملڪن ۾ پارٽين جي اندر اندروني مفادن کان وڌيڪ بيروني مفاد يعني ٻاهرين قوتن جا مفاد پنهنجا داءُ ۽ پيچ کيڏيندا هجن اتي سياسي پارٽين جي لاءِ ۽ خاص ڪري سياسي پارٽين جي ليڊرن جي لاءِ سخت ۽ ڏکيا فيصلا نه رڳو  ڪرڻا پوندا آهن پر انهن کي باربار اهڙن امتحانن مان گذرڻو پوندو آهي ۽ اهڙن تضادن مان گذرڻو پوندو آهي جن جي لاءِ هو پهريان شعوري طور تي تيار ناهن هوندا.

اسان جي ملڪ جي اندر جيئن رياست گھڻ رخي ٽڪرائن ۾ رهندي داخلي ۽ خارجي مفادن جي جھيڙي ۾ رهي آهي ۽ رهندي پئي اچي بلڪل اهڙي طرح هتان جي سياست يعني سياسي پارٽيون به ساڳئي ڪيفيتن مان گذرنديون رهنديون آهن ۽ گذرن پيون. هن وقت هن رياست جي اندر جيترو معاشي بحران پنهنجا اثر ڇڏي ٿو بلڪل اهڙي طرح انهيءَ جا سڌا سنوان اثر سياسي پارٽين ۽ حڪومت تي پئجي رهيا آهن پر جيڪڏهن پاڻ هي چئون ته پهريان سياسي بحران ۽ ڪمزوريون پيدا ٿيون ٿين انهيءَ کان پوءِ انهن جي فيصلن جي نتيجي ۾ معيشت پنهنجا اثر ڏيکاري ٿي. هن وقت ملڪ تي هڪ اهڙي اتحادي حڪومت پنهنجي پارلياماني عددي ڪمزوري سان وجود ۾ آئي آهي ۽ اها حڪومت تاريخ جي بدترين معاشي بحرانن کي منهن ڏيندي سخت ۽ ڪٺن فيصلن مان گذري پئي ساڳئي طرح بي اعتمادي جي چال ۾ شڪست کاڌل پي ٽي آئي ۽ انهيءَ جو اڳواڻ عمران خان حڪومت کان به وڌيڪ سياسي دٻائن ۽ سخت سياسي امتحانن مان گذرندي نظر پيو اچي. بيشڪ انهيءَ جو کليو اعتراف پي ٽي آئي جي قيادت نه ڪندي هجي ۽ نه وري عمران خان اهڙي قسم جو بيان يا تاثر ڏيڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته هو کلي طريقي سان وقت بوقت اهڙا اعتراف ڪندو آهي ۽ اهڙا بيان ڏيندو رهيو آهي جو هن جي پارٽي به دنگ رهجي ويندي آهي.

جيئن مثال هن پهريان حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ فورن اهو چيو هو ته کيس حڪومت جو نه تجربو هو ۽ نه هن جي ايڏي وڏي تياري هئي جيترا مسئلا هاڻي اچي رهيا آهن حڪومت ۾ اچڻ کان ته پهريان هو باربار چوندو رهيو ته هن جي  تياري به آهي ۽ مڪمل بالاصلاحيت ٽيم به موجود آهي پر حڪومتي انتظامي ۽ معاشي مسئلن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ هن کليو اعتراف ڪيو ته هو هن لاءِ پهريان تيار نه هو پر پوءِ هن پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي حد تائين پنهنجي بيانن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو ليڪن پوءِ به هن کان سندس مزاج ۽ طبيعت مطابق جملا نڪرندا رهندا هئا. حڪومت جي وڃڻ کان پهريان هن بي اعتمادي جي رٿ جو جنهن طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان وقت ئي هن جي جذبات ۽ غير سنجيدگي جي خبر پئجي وئي هئي ۽ پوءِ اهوئي ٿيو ان پوري سياسي عمل کي روايتي الزامن جي پريڪٽس سان هڪ ٻئي الزام کي گهڙيو ته هن خلاف سازش ٿي هاڻي ان سازش کي مستحڪم الزام ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هو جذبات جي ان حد تائين وڌيو جو هن جي الزامن جا تير انهن ڏانهن به وڌڻ لڳا جن پاڻ کي نيوٽرل ڪيو هو. شايد هو ان ڪوشش  ۾ هو ته دٻاءُ جي حڪمتِ عملي ۾ هو ڪجھه نه ڪجھه حاصل ڪري ويندو ۽ وري هڪ اهڙي مداخلت ڪرائيندو جيڪا کيس سيف سائيڊ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڇا اهو سڀ ڪجھه عمران خان جي طبيعتي جبلت ۽ داخلي ڪيفيت جي پيداوار هو يا هو سياست جي شديد ٽڪرائن ۽ تضادن جي ناتجربيڪاري ڪري هن کان اهو سڀ ڪجهھ ٿيو جنهن کيس فائدي جي بجاءِ هن کي وڌيڪ نقصان ڏنو. ڇا هو پارٽي جي اندر تجربيڪار ۽ سمجھدار ٽيم جي ڪنهن به صلاح مشوري تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو؟

ڇا هاڻي به هو پنهنجي مزاج ۽ طبيعت مطابق اهو ڪري پيو جنهن کيس مسلسل هن کي نقصان ڏنو آهي؟ هڪ اهري سياسي پارٽي جنهن پنهنجي پوري تاريخ ۾ ڪڏهن ڏکيو ۽ برو وقت نه ڏٺو هجي پوري سياسي گھما گھمي هن جي جشن ۽ ميلائي انداز ۾ رهي هجي پنهنجي ذاتي روين ۾ هن جيڪي به من موجيون ڪيون اهي سياسي طاقت يعني پارٽي طاقت هجڻ ڪري رفع دفع ٿينديون آيون. ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تضادن کيس اسپيس ڏنو ۽ انهيءَ اسپيس ۾ هو وڌيڪ لاڏلو بڻجي اقتدار تائين پهتو ۽ باربار اهوئي چوندو رهيو ته آڻيندڙن وٽ مون کان سواءِ ٻئي چوائس آهي ئي نه ۽ هن جا لاڏ ڪوڏ کڻڻ تاريخي مجبوري آهي. ليڪن سياسي تضادن دوستين ۽ دشمنين، مخالف ۽ حمايتن جي اها تصوير ۽ حقيقت هن جي آڏو آندي جنهن کي سوچيندي به هو نفسياتي بار محسوس ڪندو هو پر هاڻي جي حقيقت کيس اهو سڀ ڪجھه سمجهائي رهي آهي ته سياست جي دنيا ۾ لاڏ ڪوڏ ۽ من موجي هڪ لمحي تائين ته هلي سگھي ٿي پر مستقل بنيادن تي سياست جا ٽڪراءَ خوفناڪ جنگين کان به وڌيڪ خوفناڪ هوندا آهن. جنگ صرف هڪ مورچي يا ڪجھه مورچن تي بهادري ۽ هٿيارن سان وڙهي ويندي آهي پر سياست جا مورچا اڻ کٽ ۽ بي پناھه آهن سياست پنهنجي وجود ۾ جيتري طاقت رکي ٿي انهيءَ جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ تي اندران ۽ ٻاهران وڌ کان وڌ حملا ٿيندا رهندا آهن.

پي ٽي آئي جنهن گلشن جو سحر رکندي اڳتي وڌي آهي هاڻي انهيءَ کي هڪ ٽائيم تي سياسي مخالفن سان هڪ وڏو ٽڪراءُ ڪرڻو ٿو پوي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ساڳئي وقت کيس پارٽي جي اندر انهن سان به ٽڪراءُ ڪرڻو ٿو پوي جيڪي ايم اين ايز بڻجي بظاهر پارٽي جو مفلر پائي پارٽي سان وڌيڪ عمران خان سان عهد وفا ورجائيندا رهيا. هن وقت انهن جي هڪ وڏي اڪثريت انهيءَ راءِ تي آهي ته هو اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفائون ڏيڻ جي بجاءِ واپس اسيمبلي ۾ ويهن ۽ ليڊرشپ جي طرفان اعلانيل استعيفيٰ کي جذباتي بيان يا جملو چوندي پوئتي ڪيو وڃي. انهي جو وڏو مثال هي آهي ته استعيفائن جي اعلان کان پوءِ به اسيمبلي جون مراعتون ، معاوضا ۽ مهيني وظيفا ( پگھار) هن وقت تائين وٺي رهيا آهن عمران خان ڪنهن کي به اهڙي قدم، عمل ڪرڻ تي شوڪاز ناهي ڏنو پر هو باربار اهوئي پيو چئي ته اسيمبلي ۾ ويهڻ جو مطلب هي ٿيندو ته اسان امپورٽيڊ حڪومت کي سڌي طرح تسليم ڪنداسين. ٻي پاسي پارٽي جي اندران اهائي خبر ليڪ ٿي آهي ته تمام ايم اين ايز پي ٽي  آئي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس گھرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي جيڪو لڳي ٿو ته ايم اين ايز جو اهو گروپ يعني هڪ وڏي اڪثريت ڪجھه ڏينهن کان پوءِ اهڙو اجلاس گھرائيندي ۽ انهيءَ کان پوءِ عمران خان انهن جي فيصلي کي قبول ٿو ڪري يا هڪ ٻي سازش سڏيندي انهن تي پارٽي  بغاوت يعني ليڊرشپ جي بغاوت جو الزام هڻندو. ملڪي آئين ۾ هي واضح آهي ته جيڪڏهن پارٽي جا ايم اين ايز پارٽي جي ڪل ميمبرن جي سادي اڪثريت سان ليڊرشپ جي فيصلن سان اختلاف رکي ڪو فيصلو ڪن ٿا ته اها پارٽي سان غداري نه ٿيندي.

اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ عملي طور تي پي ٽي آئي ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويندي، هڪ خان ڀائي جي پي ٽي آئي ته ٻي پارلياماني اتحادي پي ٽي آئي. ٻئي طرف عمران خان جيڪو مسلسل پنهنجي جذباتي ۽ اڪيلي سر فيصلن ڪرڻ جي ڪري مسلسل ناڪامين مان گذري پيو ان جو اتحادي حڪومت سان هاڻي ٽڪراءُ سافٽ ڪور کان نڪري هارڊ ڪور ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اتحادي حڪومت سمجھي ٿي ته عمران خان جي من موجي ۽ لاپراوهي بيانن کان عملن تائين هو جنهن طريقي سان حڪومت جي رٽ رياست ۽ مخالف سياست کي اورانگهي ٿو ته انهيءَ لاءِ هو لازمي ٿا سمجھن ته سخت قدم کڻن. وزير داخلا ته باربار گرين سگنل جي انتظار ۾ ويٺو آهي جيڪي عمران خان جي مٿان لانگ مارچ جي دوران ۽ انٽرويو بيانن جي بنيادن تي ڪيس جڙيا اهي داخل ڪيا ويا آهن پر لڳي ٿو ته تمام جلد ٻيا ڪيس به داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جنهن ۾ توشه خانه کان فرح گوگيءَ تائين هڪ ڪيسن جو سلسلو جڙندي نظر اچي ٿو.

اهو ممڪن ئي ناهي ته عمران خان جنهن پنهنجي سياسي مخالفن کي ڪرپٽ چور ۽ مير جعفر ۽ مير صادق سڏيو هجي اهي اقتدار ۾ اچي سياسي ڀائي بندي جو مظاهرو ڪندا ۽ اهو به تڏهن جڏهن عمران خان جي طرفان مسلسل تنقيد ۽ حقارت جو رويو روز به روز وڌندي نظر اچي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عمران خان پنهنجي پارٽي جي شديد ٽڪرائن ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي امڪانن مان گذرندو هجي ۽ هن جي مخالفت ۾ هڪ وڏو سياسي اتحاد رڳو قائم نه هجي پر اهو حڪومت ۾ به هجي ته نرم ۽ نازڪ رنگ برنگي ڪلچر ۽ مزاج رکندڙ پي ٽي آئي کي  عمران خان تاريخ جي سفر ۾ ڪيترو بچائي سگھندو ۽ ڪيترو تبديل ڪري سگھندو اهو به تڏهن جڏهن هو پاڻ کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي فيصلن ڪرڻ جي قابل ئي نه سمجھندو هجي ته پوءِ لازمي اهو ٿيندو ته مستقبل هن جي لاءِ هڪ وڏو امتحان جو ميدان سجايو آهي. ڇا هو انهيءَ پرک مان نڪري اڳتي وڌندو يا ناڪامين جو پورو ملبو پنهنجي مٿان کڻي هڪ ٻي اهڙي تاريخ لکندو جنهن جو مثال هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل نظر ايندو.