واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي صلاحڪار ڊيرڪ شولي چيو آهي ته عمران خان جي سازش وارن الزمن ۾ سچائي ناهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊيرڪ شولي چيو ته  پاڪستان اهم ملڪ آهي، ڪائي به حڪومت هجي ان سان لاڳاپا ۽ سهڪار جاري رهندو. هن چيو ته آمريڪا جا پاڪستان سان گهرا لاڳاپا آهن ۽ اهي رڳو افغانستان تائين محدود ناهن. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ اقتصادي سهڪار ۽ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد آمريڪي عزم جو اظهار آهي. ڊيرڪ شولي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشن ۾ پاڪستان اهم حمايتي آهي، پاڪ آمريڪا فوجي سهڪار مضبوط آهي. هن چيو ته افغانستان کانسواءِ به دهشتگردي کي منهن ڏيڻ اسان جي گڏيل مفاد ۾ آهي، دهشتگردي آپريشن ۾ پاڪستان جو ماضي ۾ ساٿ حاصل رهيو، اميد آهي اڳتي پڻ رهندو.