راولپنڊي ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڊيالا جيل مان برطانيا ۾ موجود پنهنجن پٽن سان فون تي ڳالهايو. آهي. جيل ذريعن موجب، واٽس ايپ ٽيلي فون ڪال ذريعي عمران خان ۽ سندس پٽن قاسم ۽ سليمان وچ ۾ ڳالهه ٻول ٿي. ٽيهه منٽن تائين ڳالهه ٻول جاري رهي، ٽيلي فون ڪال ساڍي چئن وڳي کان پنجين وڳي تائين ڪئي وئي. خاص عدالت جي جج ابولحسنات جي حڪم تي عمران خان جي سندس پٽن قاسم ۽ سلمان سان ڳالهه ٻول ڪرائي وئي . ان دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جا پٽ گرفتار پيءُ سان ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويا جڏهن ته عمران خان مسڪرائيندي کين آٿت ڏيندو رهيو.