عمران خان جو جيل وڃڻ طئه آهي: شرجيل ميمڻ

0
142

ڪراچي: پي ٽي آءِ چئيرمين جي چوڻ تي عسڪري ادارن  تي حملا ڪيا ويا، ڇا به ٿئي، عمران خان کي جيل وڃڻو پوندو

شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڄ ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪشمير وڃي رهيو آهي، هن جو پرڏيهي دورو به ڪامياب رهيو، بلاول هر فورم تي ڪشمير جو ڪيس وڙهيو، اسان ڪشمير معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين

 شرجيل ميمڻ چيو ته مودي اقتدار ۾ اچي ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي، ڪشمير جي حيثيت عمران خان جي دور ۾ تبديل ڪئي وئي، پي ٽي آءِ چيئرمين ڪشمير  جو سودو ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪاز کي نقصان پهچايو، هن عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت کي مجروح ڪيو ۽ ملڪي ادارن تي تنقيد ڪئي

 صوبائي وزير چيو ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ  ڪيس ۾ ڪير به بچائي نه ٿو سگهي، هن ڪيس ۾ ڪنهن گواهه جي ضرورت ناهي، عمران نيازي جي سزا  لاءِ بئنڪ اسٽيٽمينٽ ئي ڪافي آهي، هن جي خلاف بي آر ٽي جا ڪيسز آهن، هن بني گاله  کي ريگيولائز ڪرايو، هن جي چوڻ تي گاڏيون ساڙيون ويون، هن جي چوڻ تي عسڪري ادارن تي حملا  ڪيا ويا ۽ هاڻي آمريڪا  ۽ برطانيا کان مدد گهري رهيو آهي، ڇا به ٿئي،عمران خان کي جيل وڃڻو پوندو