عمران حڪومت لاءِ مخالف بڻيل معاشي ۽ سياسي حالتون

0
299
وزيراعظم جا اعلان،مخالف ڌر جو خوف يا عوام جو درد ؟

  جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي تيئن تيئن ڪارڪردگي جي دعويدار حڪومت جا پول کلندا وڃن پيا، حڪومت جا وزير هر نئين ڏينهن اھڙا بيان جاري ڪن ٿا جنهن جو نه سر آهي نه پير، ايئن لڳي ٿو ته حڪومتي وزير صرف اپوزيشن جو جواب ڏيڻ واري نوڪري ڪري رهيا آهن، عوام وڃي کڏ ۾ پوي.  سومر واري ڏينهن پي ڊي ايم جو اهم اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت ۽ مهانگائي خلاف ايندڙ سال مارچ مهيني جي 23 تاريخ تي ماچ اسلامآباد پهچندو. اهڙو اعلان مولانا فضل الرحمان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌري جوابي وڊيو بيان جاري ڪيو ۽ پي ڊي ايم لاءِ چيو ته پي ڊي ايم وارا 23 مارچ تي به عوامي ميڙاڪو ڪري پنهجو شوق پورو ڪريوٺن.

اپوزيشن جو ڪم ئي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي آڱر کڻڻ آهي اهو ڪم اپوزيشن ورهايل هوندي  به ڪري رهي آهي پر افسوس ته حڪومت تي آهي جو انهن جو هر فيصلو اهڙو آهي جيڪو عوام کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان ڏئي رهيو آهي، موجوده حڪومت پنهجن ٽن سالن دوران ايترو ته قرض کنيو آهي جنهن جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نٿو ملي. اسان کي ڌرڻي وارا ڏينهن ياد آهن انهن ڏينهن دوران عمران خان وڏي واڪي چوندو هو ته هن وٽ معاشي ماهرن جي ٽيم آهي جيڪا حڪومت ملڻ سان معيشت کي بهتر ڪندي ۽ ڪڏهن به آئي ايم ايف نه ويندي پر گذريل ٽي سال واضح آهن ته پي ٽي آئي حڪومت 39 مهينن جي حڪومت ۾ 32 ارب ڊالر قرض کنيو آھي. جيڪڏهن ڏسجي ته 2002ع ۾ پرڏيهي قرض 64ارب ڊالر هو جيڪو هاڻي وڌي  ٻيڻو ٿي 124 ارب ڊالرن تائين وڃي پهتو آهي. موجوده حڪومت جيڪو قرض کنيو آهي ان جي استعمال بابت مڪمل آگاهي نٿي ڏني وڃي صرف اها دعوا ڪئي وڃي ٿي ته ورتل قرض ماضي جي حڪومتن پاران ورتل قرض جي وياج جي مد ۾ ادا ڪيو آهي. حڪومت ورتل قرض بابت دعوا ڪري ٿي ته ان قرض جو گهڻو حصو ڪورونا جي مامري ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، حڪومت جي اھڙي دعوا بابت ملڪ جي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن.

تازو سپريم ڪورٽ ۾ اين ڊي ايم اي جو سربراهه پيش ٿيو جنهن کي عدالت واضح لفظن ۾ حڪم ڏنو آهي ته هو ڪورونا واري فنڊ جي استعمال بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائين، هن وقت تائين جيڪي رپورٽون پيش ڪيون ويون آهن اهي اعتماد جوڳـيون ناهن. هاڻي ڏسجي ته اين ڊي ايم اي جو سربراهه پنهجي نئين رپورٽ ۾ ڇا لکندو، جنهن سان عدالت مطمئن ٿي سگهي.  سومر واري ڏينهن پارليامينٽ جي قومي سلامتي واري ڪوٺايل اجلاس ۾ اپوزيشن وارن شرڪت نه ڪري اھو پيغام ڏنو ته هنن کي حڪومت  تي اعتبار ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ اين ڊي ايم اي پاران ڪورونا فنڊ جي استعمال واري مامري جي ٻڌڻي ڪجهه ڏينهن جي اندر ٿيڻي آهي، ان ۾ وڌيڪ خبر پئجي ويندي ته ڪورونا جو فنڊ ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪيو ويو آهي.

حڪومت جي ڪارڪردگي هن وقت اها آهي جو 39 مهينن اندر ڪنهن به وزارت جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آهي، پارٽي جي چونڊيل نمائندن اندر اهو تاثر وڌندو پيو وڃي ته وزيراعظم عمران کي چونڊيل نمائندن بجاءِ اڻ چونڊيل ماڻهن  گهيري رکيو آهي، پي ٽي آءِ اندر اهو موقف به زور وٺندو پيو وڃي ته آخر ڪيستائين پنهنجي ناقص ڪارڪردگي کي ماضيءَ جي حڪومتن جي مٿان مڙهيو ويندو.  ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿيون ته شايد ساڻس هن وقت گڏ چونڊيل نمائندا به مستقبل ۾ ساٿ نه ڏين. ڪجهه ڌرين جو اهو به چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ۾ موجود وزير، مشير ماضي جي حڪومتن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن انهن جا جيڪڏهن نالا کڻجن ته انهن ۾ فواد چوڌري، بابر اعواڻ، غلام سرور خان، خسرو بختيار، محمد ميان سومرو ۽ ٻيون اهڙيون کوڙ شخصيتون آهن جيڪي ماضي جي حڪومتن ۾ شامل رهيون اهي هاڻي ڪيئن ٿا چئي سگهن ته  ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جون ذميوار ماضيءَ جون حالتون آهن.

ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ ۾ به اهو تاثر وڌندو پيو وڃي ته عمران خان ساڻن جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا نه ٿي سگهيا آهن. عوام وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ اسٽيبلشمينٽ مٿان تنقيد ڪري رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۾ اهو به تاثر وڌندو پيو وڃي ته وفاقي حڪومت جي موجوده صورتحال قائم رهي ته مستقبل ۾ عمران خان ۽ اسان جو ساٿ ڏيڻ وارو ڪو به نه هوندو، امڪان اهو پيو ظاهر ڪيو وڃي ته عمران خان شايد ايندڙ عام چونڊن ۾ گهڻيون سيٽون حاصل ڪرڻ بجاءِ محدود سيٽون حاصل ڪندو. حڪومت جون هن وقت معيشت جي حوالي سان پاليسيون ايتريون ته نقصانڪار آهن جو ايندڙ مستقبل ۾ انهن پاليسين سبب معيشت ٻڏتر جو شڪار رهندي. هن وقت تجارت واري وزارت هجي يا ناڻي واري وزارت، انهن ٻنهي وزارتن ۾ عوام جي ڀلائي لاءِڪي به فيصلا نه ٿا ڪيا وڃن، وفاقي وزيرن وچ ۾ به ايترا اختلاف آهن جو ان جو نقصان عوام برداشت ڪري ٿو.

هڪ طرف حڪومت جون ناقص پاليسيون ۽ ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي جارحاڻي سياست حڪومت لاءِ هر وقت پريشاني جو سبب آهي. گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو حلفيه بيان هجي يا اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو هجي ان جو جواب حڪومت جي وزيرن پاران اهڙي نموني سان ناهي ڏنو ويو جنهن تي اهو چئي سگهجي ته وفاقي وزيرن عمران خان جو ڀرپور دفاع ڪيو آهي. حڪومت جي يوٽرن وارين پاليسين ۽ عوام کي سچ نه ٻڌائڻ ڪري اسلام آباد ۾ هر نئين ڏينهن ڪڏهن استاد ته ڪڏهن وري ڪلارڪ پنهنجي حقن  لاءِ مظاهرا ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه گذريل هڪ هفتي کان عدالتي حڪم تحت  نوڪرين مان فارغ ٿيندڙ ملازم به شاهراهه جمهوريت تي انصاف جي اوسيئڙي ۾ موجود آهن،

اسلام آباد ۾ مظاهرن ۽ ڌرڻن جي اهڙي صورتحال رهي ته وزيراعظم کي اقتدار ۾ آڻيندڙ قوتون عمران خان جو ساٿ ڇڏي سگهن ٿيون، ان کان علاوه ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هن وقت کان ئي تياري شروع ڪئي وئي آهي. پي ڊي ايم کان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو الڳ ٿيڻ شايد ان تياري جو نتيجو هجي، لاهور جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 133 جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جيڪي ووٽ حاصل ڪيا آهن اهي پڻ اهو ظاهر ڪن ٿا ته سياسي ماحول تبديل ٿي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به لاهور ۾ موجود آهي، آصف زرداري اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ متحرڪ ڪري من پسند نتيجا حاصل ڪري سگهي.