اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي سياست جو بنياد تبديلي جي نعري تي رکيو، ان جو خيال هڪ جديد اسلامي فلاحي مملڪت جو قيام آهي، اڄ تحريڪ انصاف مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس طبقي جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، عوام کي اميد آهي ته اگر ڪوئي انصاف ڏئي سگهي ٿو ته اها صرف تحريڪ انصاف آهي، اهڙو اظهار ڪالهه هن حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي يوم تاسيس جي موقعي تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڪيو، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته اڄ کان 25 سال پهريان عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو، هي اهو وقت هو جڏهن ملڪ ۾ ٻن سياسي پارٽين جو غلبو هو، ان ٻه جماعتي نظام خلاف عمران خان جدوجهد جو آغاز ڪيو، تمام گهٽ ماڻهن کي اميد هئي ته عمران خان ٻنهي سياسي پارٽين کي شڪست ڏئي سگهندو، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چاهي ها ته پرويز مشرف سان سمجهوتو ڪري وزيراعظم ٿي وڃي ها، 2011ع ۾ مينار پاڪستان تي تحريڪ انصاف جو جلسو تحريڪ انصاف لاءِ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو، اڄ علامه اقبال ۽ قائد اعظم جي پاڪستان طرف وڌڻ جي اميد صرف عمران خان آهي، عمران جي قيادت ۾ نئون پاڪستان ضرور ٺهندو، پي ٽي آءِ جي سياست اميد جو ڪِرڻو آهي.