اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ۽ اُن جي گهرواري بشريٰ بي بي جي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جيڪو 27 جون تي ٻڌايو ويندو. جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ سزا جي خلاف مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي 2 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪه عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي ۽ مرڪزي اپيلن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي پران بريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته خاور مانيڪا جو وڪيل زاهد آصف چوڌري به عدالت ۾ پيش ٿيو. باني تحريڪ انصاف جي وڪيل بريسٽر سلمان صفدر پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته سزا معطلي جي درخواست تي 7 منٽ دليل ڏيندس، شڪايت ڪندڙ کي ان کان به گهٽ وقت ۾ دليل ڏيڻ گهرجي. مرڪزي اپيل ۽ سزا معطلي جي اپيل جي ٻڌڻي آهي. منهنجي ذميواري عدالت کي ٻڌائڻ آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪير آهن؟ هن چيو ته هن ڪيس ۾ ڪڏهن شڪايت ڪندڙ ۽ ڪڏهن پراسيڪيوشن چيو ته ڪيس پڙهڻو آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪيس ۾ ڪجهه ناهي. مون کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته سزا معطلي جي درخواست تي دليل ڪيئن ڏبا آهن. ان موقعي تي وڪيل زاهد آصف جو چوڻ هو ته سلمان صفدر هڪ قابل وڪيل آهي ۽ هر جڳهه ان جي تعريف ڪئي آهي. ٻئي طرف حڪومت پاران عمران خان جي آزادي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سينئر صحافي عمر چيما جو چوڻ آهي ته عمران خلاف 90 ملين پائونڊ ڪيس اڃا هلي رهيو آهي. عدت ڪيس جو فيصلو سڀاڻي اچڻو آهي ٿي سگهي ٿو 90 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ان کان اڳ ئي ٻڌائي وڃي. هوڏانهن وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله هڪ انٽرويو ۾ چيو ته عمران خان جي آزادي هر صورت روڪي ويندي ان لاءِ قانون موجب قدم کنيو ويندو. هن چيو ته عمران خان انقلاب آڻيندو ڪونه، ڳالهيون به نه ڪندو ته پوءِ ٻاهر اچڻ جو فائدو. هن چيو ته جيڪڏهن هو آزاد به ٿي ويو ته ٻن ڏينهن تائين جي ٽي روڊ تي شو ٿيندو جنهن بعد گهر ويهي انٽرويو ڏيندو ۽ سمورو معاملو ويهي ويندو. باني پي ٽي آءِ عدت ڪيس ۾ 27 جون (سڀاڻي) آزاد ٿي سگهي ٿو، ان سان ڪو طوفان نه اچي ويندو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران ڳالهين ۽ جمهوريت تي يقين نٿو رکي، جمهوريت ۾ ڳالهين کانسواءِ ڪو رستو ناهي، هو جهيڙو چاهي ٿو ته اسان به ڀرپور نموني تيار آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيل ۾ رهڻ ئي عمران جي فائدي ۾ آهي ٻاهر نڪتو فتنو فساد ڪندو رهندو. عمران پهرين سياستدان ته بڻجي جمهوريت جي بهتري لاءِ قدم کڻي ته پوءِ اسان ساٿ ڏينداسين، جمهوري ماڻهو آهيون فتني جو مقابلو ڪرڻ اچي ٿو، راڻا ثناءَ وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ کي عدالتن سزائون ڏنيون، سندس خلاف قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ووٽ هنن کي به مليا آهن ته اسان کي به، انهن کي اهو مينڊيٽ ناهي مليو ته هو ملڪ جي حساس ادارن ۽ عدالتن تي حملا ڪن، هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ سڄي مخالف ڌر کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج کان مدد ورتي، اسان کي ڌاڙيل قرار ڏنو ويو.