اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته بي اعتمادي جي تحريڪ وقت پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري آئين کي بچايو، اهڙو اظهار دفاع جي وزير خواجا آصف سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان غير آئيني طور تي اسيمبلي ٽوڙي، عمران خان خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آئيني طريقي سان آندي وئي، عمران خان بي اعتمادي جي تحريڪ کانپوءِ غيرقانوني قدم کنيا، سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري آئين بچايو، هن چيو ته سائفر جي ذريعي عمران خان آمريڪي سازش جو بيانيو بڻايو، اهي ئي ماڻهو هاڻي ان ۾ مدد جي لاءِ پرڏيهي طور تي شڪايت ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو منفي رويو سڀني جي سامهون آهي، عمران خان بضد آهي ته عدالتن جي سامهون پيش نه ٿيندو، عمران خان ۽ ان جا ڪارڪن عدالتن کي توهين جو نشانو بڻائي رهيا آهن، عمران خان جٿن کي وٺي عدالت پهچي ٿو، جڏهن پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ان جي رهائشگاهه تي وئي ته پوليس تي حملو ڪيو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙو غيرقانوني قدم ڪنهن سياستدانن نه کنيو آهي، دنيا ۾ ڪٿي به ڪو به جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار نه ڪندو آهي، سياستدانن پروقار انداز ۾سياست ڪئي، نواز شريف لنڊن کان اچي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ گرفتاري ڏني، نواز شريف کي ٽي ڀيرا حڪومت مان ڪڍيو ويو پر ڪڏهن به نواز شريف آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، عمران خان جي حڪومتي دور ۾ نواز ليگ جي قيادت کي نشانو بڻايو ويو، گرفتاريون ڪيون ويون، عمران خان جي حڪومتي دور ۾ مون کي به گرفتار ڪيو ويو، ٽن سالن تائين منهنجي گهر ڀاتين عدالتن کي منهن ڏنو، عمران خان جي دور ۾جهڙي طرح اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو اهڙو ڪنهن جمهوري دور ۾ نه ٿيو آهي، عمران خان روز هڪ نئون آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ طرفان پوليس تي ڪيل تشدد جي وڊيو غير ملڪي ميڊيا کي ڏيکاري وئي، غير ملڪي ميڊيا کي پوليس تي اڇلايل پيٽرول بم جي به وڊيو ڏيکاري وئي، خواجا آصف چيو ته عمران خان صدر جي ذريعي اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه کي توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي، هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ جامع ڳالهين تي يقين رکون ٿا، عمران خان هڪ مايوس شخص آهي ۽ پرتشدد ڪاررواين تي يقين رکي ٿو، عمران خان پنهنجي قتل جي باري ۾ هڪ نئون سازشي بيانيو ٺاهي رهيو آهي، عمران خان مسلسل حقيقن جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عام چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون.