علي ظفر وارو معاملو: عفت عمر ۽ علي گل پير جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

0
256

لاهور(شوبز نيوز) لاهور جي جوڊيشل ميجسٽريٽ اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر جي دانهن تي سندس خلاف سائبر ڪرائم قانون تحت داخل ڪرايل ڪيس ۾ گلوڪارا ميشا شفيع کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته عفت عمر ۽ علي گل پير جي وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا.ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي اڱارو (7 سيپٽمبر) تي ميجسٽريٽ جي سامهون پيش نه ٿيا هئا.اداڪارا عفت عمر، فيضان رضا، حسيم الزمان، فريحه ايوب ۽ لينا غني ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي هئي.انهن مان تقريبن سڀني ڪراچي ۾ مستقل هجڻ جي ڪري رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي بنيادن تي درخواست داخل ڪئي هئي ۽ انهن جو چوڻ هو ته انهن لاءِ هر ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ڏکيو ڪم هو.اداڪارا عفت ڪراچي ۾ ڪنهن ذاتي مجبوري جي ڪري هڪ ڀيرو پيش ٿيڻ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي هئي.تنهن هوندي به گذريل ڏينهن جاري ڪيل لکت واري حڪم نامي ۾ ميجسٽريٽ يوسف عبدلرحمٰن جوابدارن طرفان پيش ڪيل سببن کي رد ڪيو ۽ مستقل ڇوٽ واري درخواستن کي خارج ڪري ڇڏيو.

ميجسٽريٽ عفت عمر جي 6 آڪٽوبر جا ضمانت جوڳا گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيا جڏهن ته علي گل جا سومر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا، جيڪو عدالت ۾ ڪڏهن پيش ئي نه ٿيندو هو.ان سان گڏ ميجسٽريٽ گلوڪارا ميشا شفيع ۽ ماهم جاويد کي سمن ذريعي ٻيهر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.واضح رهي ته ايف آءِ اي علي ظفر خلاف مبينه طور تي سوشل ميڊيا تي ناپاڪ مهم هلائڻ تي پاڪستان اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 109 جي تحت ميشا شفيع سميت 9 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.ميشا شفيع اپريل 2018 ۾ علي ظفر  تي جنسي هراساني جا الزام هنيا هئا ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته گلوڪار کيس اهڙي وقت هراسان ڪيو جڏهن اها ٻارن جي ماءُ بڻجڻ سميت ناليواري گلوڪارا به بڻجي چڪي هئي.جڏهن ته علي ظفر فوري طور تي هن جي الزامن کي رد ڪيو هو جنهن کانپوءِ علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ٿي وئي هئي.الزام هڻڻ کانپوءِ ميشا شفيع علي ظفر خلاف محتسب اعليٰ پنجاب ۽ گورنر پنجاب کي به درخواست ڏني هئي پر ان جي درخواست رد ٿي وئي هئي.