علي امين گنڊاپور خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو، جذباتي خطاب، وڏا اعلان

0
68

پشاور: علي امين گنڊاپور 90ووٽ کڻي خيبرپختون خواهه جو  وڏو وزير چونڊجي ويو، ن ليگ جو اميدوار عباد الله کي 16 ووٽ ملي سگهيا

ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ وڏو وزير چونڊجڻ بعد خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته واعدو ڪيان ٿو ته پي ٽي آءِ باني جي اعتماد تي پورو لهندس

هن چيو ته آزاد حيثيت ۾ وڏو وزير ٿيڻ جو ڏک آهي، اسان جي ليڊر جو ڏوهه اهو آهي ته هن  عوام ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي ڳالهه ڪئي

علي امين گنڊاپور چيو ته مطالبو آهي ته فري اينڊ فيئر ٽرائل ڪري پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو وڃي، اسان انتقام نه ٿا چاهيون،  هي ملڪ ۽ ادارا اسان جا  آهن

هن چيو ته اسان اهڙو نظام چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪو به ڪنهن سان ناانصافي نه  ڪري، اسان جي لاءِ حڪومت اهم ناهي، چيف جسٽس کان مطالبو آهي ته 9 مئي واقعي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي

علي امين گنڊاپور چيو ته عوام کي چوان ٿو ته ڪنهن ۾ جرئت ناهي ته اوهان کان رشوت وٺي، ڪير رشوت گهري ته ان خلاف بيهي رهو، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي، رشوت وٺندڙ ۽ رشوت ڏيندڙ جهنمي آهن

هن چيو ته اسان مٿان ايف آءِ آرز داخل ڪندڙ سڌارا آڻين يا سزا جي لاءِ تيار ٿي وڃن، ڪيس داخل ڪندڙ سزا لاءِ تيار ٿي وڃن، پي ٽي آءِ باني سميت اسان سڀني ڪارڪنن سان ظلم ڪيو ويو