علي امين تي اثر نٿو ٿئي، هو اداري جي عزت به نه پيو ڪري: چيف اليڪشن ڪمشنر

0
176
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏيندي چيو ته علي امين گنڊاپور تي اثر نه ٿي رهيو آهي ۽ هو اداري جو احترام نٿو ڪري

چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڊيرا اسماعيل خان ۾ مڪاني چونڊن دوران وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي

علي امين جي وڪيل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سندس سائل کي ڪورونا آهي ان ڪري هو پيش نه ٿي سگهيو آهي، ان تي اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته علي امين گنڊاپور ان کانپوءِ به ڀڃڪڙي ڪئي آهي

ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، علي امين گنڊاپور تي اثر نه ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي اداري جو احترام ڪري رهيو آهي، اوهان پنهنجي ڪلائينٽ کي چئو ته هو ڪورونا ۾ چونڊ مهم نه هلائي، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي

چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اميدوار کي نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو، ڊي آءِ خان ڪيس کي مثال بڻائينداسين

هاڻي نن ڪيس ۾ وڌيڪ شڪايتون مليون آهن، ڀڃڪڙي ٿيندي رهي ته پوءِ ضابط اخلاق ٺاهڻ جو ڪهڙو فائدو، نرميءَ ڪئي ته پوءِ اليڪشن نه ٿي سگهنديون، جيڪو جيترو وڏو آهي اهو اوترو ئي ڀڃڪڙيون ڪندو آهي

ٻڌڻي دوران علي امين گنڊاپور جي چونڊ مهم ۾ شرڪت جي وڊيو اليڪشن ڪميشن ۾ هلائي وئي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي