ڪراچي (اسپورٽس نيوز) جڳ مشهور امپائر عليم ڊالر ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ۽ ون ڊي ڊي ڪرڪيٽ جي ٻئي مشهور بيٽسمين ويرات ڪوهلي کي دنيا جو ليجنڊ ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. امپائر عليم ڊار پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي سان گڏ سيلفي شيئر ڪئي. ٽوئٽر تي شيئر ڪيل سيلفي ۾ ويرات ڪوهلي ۽ امپائر عليم ڊار خوش نظر اچي رهيا آهن، عليم ڊار تصوير جي ڪيپشن ۾ ويرات ڪوهلي سان مخاطب ٿيندي لکيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا جي ليجنڊ سان گڏ بيٺو آهيان.