علاج نٿا ڪرايو، سيتا روڊ ۾ نينگر ڦاهو کائي ڇڏيو

0
303

سيتا روڊ (ن پ ا) سيتا روڊ ڀرسان دل جي بيماري ۾ ورتل نينگر علاج نه ٿيڻ ڪري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، 15 ورهين جي عابد سولنگي جو گهر مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر ڊگهي عرصي کان بيمار هو، غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري انتهائي قدم کنيو آهي.