لاس اينجيلس(شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻي عروج آفتاب دنيا جي اعليٰ ترين گريمي ايوارڊ ۾ بهترين پرفارمنس ڏئي مداحن جون دليون کٽي ورتيون. سال 2022ع ۾ پنهنجي مشهور گيت “محبت” سان گريمي ۾ بهترين گلوبل ميوزڪ پرفارمنس جو ايوارڊ کٽيندڙ ڳائڻي عروج آفتاب ٻيو گريمي ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. سال 2023 جي گريمي ايوارڊ لاءِ عروج آفتاب کي ٻيو ڀيرو نامزد ڪيو ويو هو. پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڳائڻي عروج آفتاب ۽ ڀارتي ستار نواز انوشڪا شنڪر جو تيار ڪيل گيت “اڌيڙو نا” گريمي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيو هو پر ڳائڻي گريمي ايوارڊز جي تقريب ۾ بهترين پرفارمنس ڏئي گريمي ۾ پرفارم ڪندڙ پهرين پاڪستاني ڳائڻي جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٻئي طرف آمريڪي مشهور ڳائڻي بيونسي سڀني کان وڌيڪ گريمي ايوارڊز حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙيندي 32 هون گريمي ايوارڊ کٽيو. بيونسي ايترا گهنا گريمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ دنيا جي پهرين فنڪارا آهي، بيونسي کي بهترين البم، بهترين ريڪارڊنگ ۽ سال جي بهترين گيت تي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي.