لعلورائنڪ (رپورٽ:پرويز خاصخيلي)لعلورائنڪ ۾ حيدري سپر ليگ 3 جو پنجون رائونڊ حيدري ايگل ۽ لعلو لائنس وچ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي لعلولائنس مقرر 10 اوورن ۾ 204 رنسون ٺاهيون، اوپنر عرفان شاھ 15 ڇڪا هڻي 34 بالن تي 113 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو. جواب ۾ حيدري ايگل جي ٽيم 161 رنسون ٺاهي سگهي، عرفان شاھ 3 شڪار ڪيا اهڙي ريت لعلو لائنس 43 رنسن تان ميچ کٽي ورتي، بهترين ڪارڪردگي تي عرفان شاھ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.