عدم اعتماد ۽ ان کان اڳتي

0
95
جمهوري راند جا اصول طئي ڪريو

ڇنڇر ڏينهن رات نوين وڳي هي لفظ لکڻ تائين منٽ منٽ ۾ قومي اسيمبلي اجلاس ۽ ملڪ جي صورتحال تبديل ٿي رھي آهي. صبح کان شروع ٿيل اجلاس نمازن توڙي افطاري جي ڪيترن وقفن ۽ ڊگهين تقريرن بعد ساڍي ستين وڳي شروع ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر ساڍي نوين وڳي تائين تراويحن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. يارهن ڪلاڪن جي عرصي وچ۾ بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ جي ستين اپريل جي فيصلي خلاف نه فقط سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني پٽيشن داخل ڪئي آھي جنھن۾ ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ تائين انتي عمل روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي پر عمران خان اسپيڪر وٽ پي ٽي آءِ جي منحرف ويھن ميمبرن جي نااهلي لاءِ ريفرنس به داخل ڪري ڇڏيوآھي.وزيراعظم  نائين وڳي ڪابينا جو خصوصي اجلاس به سڏائي ورتو آھي جنھن مان لڳي ٿو ته عدم اعتماد جي تحريڪ تي اڄ(ڪالهه) ووٽنگ نه ڪرائي ويندي. اپوزيشن سان لاڳاپيل ميمبر اسيمبلي ۾ ”ووٽنگ ووٽنگ“ جا نعرا هڻي رهيا آهن ۽ ڪجھه فرد فوجي سربراھه کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته هو موجوده صورتحال تي پنهنجو واضح موقف ڏئي. رات ٻارهين تاين ووٽنگ نه ڪرائڻ جي صورت ۾ عمران خان، اسپيڪر ۽ سندن وزيرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ۽ ڪي حلقا دعوي ڪري رهيا آهن ته عمران خان۽ سندس ساٿي پنهنجي لاءِ اين آر او جي تلاش ۾ آهن.

سپريم ڪورٽ جي 7 اپريل تي 5 ججن جي متفقه فيصلي تحت ملڪ جو سياسي وايو منڊل واپس آچر 3 اپريل ڏانهن موٽايو ويو آهي. صدر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا حڪم رد ڪيا ويا آهن ۽ قومي اسيمبلي، وزيراعظم ۽ سندس حڪومت بحال ڪئي وئي آهي . ان فيصلي سان رپيو ڊالر جي مقابلي ۾ 3 رپيا مضبوط ٿيو آھي اسٽاڪ ايڪسينچنج ۾ 657 پوائنٽن جوواڌارو ٿيو آھي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن۾ گوٿ ناٿ ڪندي، ڪيئي دفعا اجلاس ملتوي ڪندي، ڊگهيون تقريرن ڪري وزيراعظم عمران خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اپوزيشن اتحاد جي موجود 175 ووٽن تان ڪامياب ٿيندي ٿيندي اينگهجي وئي آهي  عدم اعتماد جي تحريڪ ملڪ جي مني صدي جي تاريخ ۾ هڪ نئو رڪارڊ بنجي ويندو. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ڪو به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري نه  سگهيو آهي ۽ عمران خان جي سبڪدوشي سان ان جو تسلسل ته قائم رهندو پر اهو پهريون دفعوهوندو جڏهن ڪو پاڪستاني وزيراعظم پنهنجي ئي اسيمبلي جي ميمبرن جي فيصلي تحت پنهنجو عهدو وڃائي ويهندو. ان کان اڳ مختلف صدارتي يا عدالتي حڪمن تحت وزيراعظم پنهنجا عهدا وڃائي ويهندا آهن. ان ڪري اڄوڪي ڪاري گدلي سينور ۾ جي ڪو نيل ڪنول نڪرڻو هو  ته اهو عوام جي اسيمبلي جي بالادستي ئي آهي.

قومي اسيمبلي جي اڻتڻ سان ڀريل اجلاس ۾ ملتاني شاھه جي لمبي تقرير شهادت کان پهريائين شام غريبان جو ڏيک ڏئي رهي هئي جنهن۾ هن اهو به اعتراف ڪيو ته اها سندس آخري تقرير آهي. هن آميريڪي ڌمڪي جي تصديق ڪندي اهو انڪشاف به ڪيو ته روس جي دوري جو فيصلو عمران خان اڪيلي سر نه ڪيو هو پر سڀني واسطيدارن جي صلاح ان۾ شامل هئي. هن آميريڪا سان سٺن لاڳاپن جي ڳالھه ته ڪئي پر انجو ذڪر ڪرڻ ضرري نه سمجهيو ته سندس سرڪار دوران اهي لاڳاپا ڪهڙي سطح تي پهتا آهن. قريشي جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ڪندي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ ايوان ۾ ويٺا آهيون ۽ گهر نه وينداسون. توهان آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري آمريت کي دعوت ڏيڻ چاهيو ٿا. هن چيو ته عمران خان کي ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ، صوبن جا حق غضب ڪرڻ ۽ معاشي بدتري لاءِ آندو ويو هو . هن ملتاني شاھه کي خطاب ڪندي پڇيو ته هو ٻڌائي ته هن ٽي دفعا پارٽي مٽائڻ مهل ڪيترا پيسا ورتا هئا. هن عمران خان کي خط جي اسڪينڊل ۾ گهلڻ پويان به پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ذميدار قرار ڏنو. آصف علي زرداري به ووٽنگ تي زور ڏنو ۽ چيو ته هو ڪنهن سان به ذاتي نه ٿيندو آهي ڀلي ڪو سندس خلاف به ڳالهائي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ذڪر به ايوان ۾ گونجندو رهيو ۽ شيرين مزاري سندس ڪتاب مٿ آف انڊپينڊنس جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو ڪتاب ضرور پڙهو.

عمران خان جي هٽڻ بعد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي وڃڻو آهي پر صورتحال اتي بيهجندي نظر نٿي اچي. وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مايوس آهي ۽ نئين امڪاني حڪومت کي امپورٽيڊ سڏيو آهي.  تلاوت ڪلام پاڪ، نعت شريف بعد پاڪستاني جهنڊي جي ڇانو ۾ وزيراعظم طور پنهنجي آخري خطاب ۾ هن آچر سومهڻي نماز بعد مظاهرا ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي. 32 مهينن جي اقتدار دوران عمران خان جي پهرين کان آخري تقرير سندس مزاج جي عڪاس آهي جنهن۾ هو هميشه ماضي جو قيدي رهيو آهي ۽ وزيراعظم هوندي اهو احساس ڏياريندو رهيو آهي ڄڻ هو حڪومت ۾ هئڻ باوجود پاڻ اپوزيشن ليڊر هجي ۽ ڄڻ ملڪي وزيراعظم ڪو ٻيو هجي.  تقريرن جي ابتڙ سندس عملن سبب ملڪ ترقي يافتا اتر ۽ بدحال ڏکڻ ۾ ورهايل نظر اچي رهيو آهي. سندس زندگي به تضادن سان ڀريل رهي آهي. روايتي مڊل ڪلاس جي نمائيندي طور هن پنهنجي زندگي جي شروعات الٽرا ماڊرن مغربي طرز عمل سان شروع ڪئي جتان هن پنهجي تعليم به مڪمل ڪئي ۽ انگلينڊ جي امير يهودي خاندان مان شادي ڪرڻ بعد رنگ مٽائيندو سنگل نيشنل ڪريڪيوليم نافذ ڪندي رياست مدينا تائين پهتو آهي. سندس عالمي تاريخ، سياست، معيشت جي معلومات جنگ اخبار پڙهندڙ عام قاري جيتري مس آهي. پاڪستان کي ٺاهيندڙ رياستن جي نه ته ڪا پنج هزار سال پراڻي تاريخ آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي اندر روايتن جا امين آهن. هو سمجهي ٿو ته پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن جو جينوم 1947ع کان شروع ٿيو آهي. سندس سياسي رويو خاص طور سندس خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ بعد نمايان طورجمهوري روايتن جي خلاف آمرانا رهيو آهي.

قومي اسيمبلي جو ڪالهوڪو اجلاس سپريم ڪورٽ جي متفقه فيصلي باوجود جنهن نموني هلايو پئي ويو سو غير معمولي آهي. اسيمبلي فلور تي ورهاست ۽ رويو ٻڌائي ٿو ته اهي ڏار سطحي ناهن پر  انجون پاڙون گهريون آهن. عالمي پس منظر ۾ هڪ پاسي آميريڪا يورپي يونين ۽ روس چين اتحاد وچ۾ تضاد هڪ پاسي ته ٻئي پاسي اقتداري ڪرتا ڌرتائن وچ۾ تضاد تائين اهو نفاق ورهايل نظر اچي رهيو آهي. خان جي آخري تقرير ۾ اهو چوڻ ته  فوج ملڪي سالميت جي گارنٽي ناهي پر عوام ئي ملڪي سلامتي جي ضمانت آهي ان ڏانهن اشارو آهي. ٻه سال پهريائين ٻين سرد جنگ تي لکيل مضمون ۾ مون چيو هو ته جڏهن دنيا آميريڪا کان سڱ مٽائي چين طرف رخ ڪندي تڏهن جهٽڪا ضرور ايندا. هي جهٽڪا آميريڪا چين فرق سان گڏوگڏ ملڪي ڪرتا ڌرتائن وچ۾ جهڳڙن سبب پڻ آهن ۽ جيئن ته انهن جي اڪثريت ڏکڻ بجاءِ اتر مان آهي انڪري اهو گهاءُ گهرو آهي. معيشت جي حالت اها آهي ته ڏهن مهينن ۾ پرڏيهي واپار ۾ ماهوار 3 ارب ڊالر جو نقصان پئجي رهيو آهي. پرڏيهي ذخيرا گهٽجي 17 ارب ڊالرن تي پهچي چڪا آهن جنهن ڪري رپيو تاريخ جي خسيس ترين سطح 189 تي پهچي چڪو آهي. جي اهو سلسلو جاري رهيو ته رپئي جو ملھه وڌيڪ هيٺ ڪرڻ جو خطرو آهي انڪري مهانگائي وڌيڪ چوٽ چڙهي ويندي جنهن سان خاص طور غريب عوام جي زندگي وڌيڪ بدتر ٿيندي. انڪري ان بحران کي حل ڪرڻ لاءِ بنيادي قدم کڻڻا پوندا جيڪي سياسي سان گڏوگڏ معاشي، سفارتي، انتظامي پڻ آهي.

انڪري ايندڙ چونڊن کان پهريائين انتي اتفاق ڪيو وڃي ته سياسي ڌريون پنهنجي وچ۾ نفاق کي ختم ڪن، ڳالهين ٻولهين جا دروازا کولين، پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪن. آئين تي ۽ خاص طور انجي ارڙهين ترميم تي عمل ڪري صوبن ۽ مڪاني ادارن ڏانهن اختيار منتقل ڪن. بيمار صنعتن ۽ تيل تي هندڙ مهانگن بجلي گهرن مان جان ڇڏائين. هوا ۽ اس مان ماحول دوست بجلي کي همٿائين. پاڙيسرين سان امن قائم ڪرڻ لاءِ واپار کي فروغ ڏين. کوکڙاپار سرحد کولين. غير ضروري غيرپئداواري خرچ گهٽائين.

ڪرپشن جي وڌندڙ ناسور تي ضابطو آڻڻ لاءِ انتقام بجاءِ مستقل بنياد تي مڃيل قانوني اصولن جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ ادارن وسيلي حساب ڪتاب ورتو وڃي. آڊيٽر جنرل، ايف بي آر جي ادارن ۽ آڊٽ بابت پارلياماني ڪميٽين کي سگهارو ڪيو وڃي. ميڊيا کي آزاد ڪيو وڃي. سرڪاري خرچ گهٽايا وڃن. ستن سالن کان معطل اين ايف سي ايوارڊ کي جاري ڪيو وڃي. شفاف چونڊن لاءِ قانونن ۾ ضروري ترميمون ڪري اي وي ايم کي ختم ڪيو وڃي. چونڊيل نمائيندن ۽ اسيمبلين کي آئين تحت ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي بحال ڪئي وڃي. ڏکڻ جي علائقن سنڌ، بلوچستان، سرائڪي علائقن جي ترقي کي اتر جي مقابلي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ازالو ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ  اپوزيشن ۾ شامل ڀانت ڀانت جي پارٽين لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي حيثيت وڌائڻ يا برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي

قلم تازو؛-

سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن  جا دروازا ڪورٽ سڳوري جي بيحرمتي جي ڪارروائي ھلائڻ لاءِ رات جو کوليا ويا آھن. وفاقي ڪابينا مشھور خط کي ڊیڪلاسيفائي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. جنھنجي ڪاپي سپريم ڪورٽ، اسپيڪر، سينيٽ چيئرمن کي ڏيکارڻ جو فيصلو ٿيو آھي. اسلام آباد ۾ مارشل لا کان بچائڻ جي پٽيشن داخل ٿي رھي آھي.

آخري خبرن تائين اسيمبلي ۾ مخالف ميمبر موجود آهن. فوجي سربراھه  جي برطرفي جا افواھه به ڦھلجي رهيا ھئا جنجي ترديد ڪئي وئي آھي.  قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي به ڪورٽ گھرايو ويو آھي. اميد ته اڌ رات تائين ووٽنگ ٿي ويندي جنھن سان پھريون دفعو ڪو وزيراعظم اسيمبلي جي عدم اعتماد وسيلي ھٽي ويندو. ٿي سگھي ھي سٽون پڙھڻ وقت ملڪي وزيراعظم بدلجي چڪو ھجي.