عدت ڪيس ۾ ضمانت ملڻ باوجود پي ٽي آءِ باني کي آزاد نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ نئون بحران پيدا ٿيندو: پي ٽي آءِ

0
16
عمران خان ۽ بشريٰ
عمران خان ۽ بشريٰ

عدت نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي رليف ملندو يا نه؟، اسلام آباد جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا سزائن خلاف اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائيندو

 پي ٽي آٰءِ باني عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا ملڻ سبب اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، پي ٽي آءِ باني توشه خانه ۽ سائفر  ڪيس مان اڳ ئي بري ٿي چڪو آهي، 190 ملين پائونڊ  ۽ 9 مئي ڪيسز  ۾ ضمانت تي آهي

 عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائون معطل ٿيڻ جي صورت ۾ به پي ٽي آءِ باني جي آزادي سواليه نشان بڻيل، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چئي چڪو آهي ته حڪومت جي ڪوشش هوندي ته پي ٽي آءِ باني جيل اندر ئي رهي

عدت ڪيس ۾ ضمانت ملڻ باوجود پي ٽي آءِ باني کي آزاد نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ نئون بحران پيدا ٿيندو: پي ٽي آءِ

تحريڪ انصاف پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته عدت ڪيس ۾ ضمانت ملڻ باوجود پي ٽي آءِ باني کي آزاد نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ نئون بحران پيدا ٿيندو

 تحريڪ انصاف پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سائيفر ڪيس مان آجو ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ باني هاڻي رڳو عدت ڪيس ۾ گرفتار آهي

پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته توشه خانه نيب ڪيس ۾ سزا معطل ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني کي سائيفر ۽ عدت ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو

پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ باوجود پي ٽي آءِ باني کي آزاد نه ڪيو ويو، تحريڪ انصاف موجب پي ٽي آءِ باني 11 مهينن کان قيد ۾ آهي، ان عرصي دوران 18 ڪيس ۾ کيس بري ڪيو ويو يا ضمانت ڏني وئي