عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جون اپيلون رد، سزا برقرار

0
14

پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائن خلاف درخواستون رد، 7-7 سال قيد جي سزا برقرار رکي وئي

 اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف درخواست رد ٿيڻ سبب پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ جا امڪان ختم ٿي ويا

 پي ٽي آٰءِ باني عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا ملڻ سبب اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، پي ٽي آءِ باني توشه خانه ۽ سائفر  ڪيس مان بري ٿي چڪو آهي، 190 ملين پائونڊ  ۽ 9 مئي ڪيسز  ۾  به پي ٽي آءِ باني ضمانت تي آهي

تحريڪ انصاف پاران عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائون برقرار رکڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 اپوزيشن ليڊر عمر ايوب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪيس ۾ ڪو به مونجهارو نه هو، ٻين ڪيسن جيان هن ڪيس مان به پي ٽي آءِ باني بري ٿيڻو هو

عمر ايوب چيو ته فارم 47 جي حڪومت سزا برقرار رکرائي نئين سياسي بحران کي جنم ڏنو آهي، فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، قيدين جي آزاديءَ تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي

 پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪنول شوزب چيو ته اڄ انصاف جو قتل ٿيو آهي، هڪ جعلي ڪيس ۾ اسان جي ليڊر کي اندر ڪيو ويو آهي