عدالتي حڪم باوجود ملازمن کي پگهارون ڇو نه ادا ڪيون ويون…..؟

0
296
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ ايڇ ايم سي جي 147 ملازمن کي 9 سالن کان پگهارون نه ڏيڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت جو ايڊمنسٽريٽر کان سخت پڇاڻو ڪيو ته اوهان عدالتي حڪم باوجود ملازمن کي پگهارون ڇو نه ادا ڪيون آهن، ايڊمنسٽريٽر ۽ سندس وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل ملازم ڪيتري ئي عرصي کان ڊيوٽين تان غير حاضر آهن ۽ سوئپرز جي جاين تي غير قانوني طور تي عام ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي عمل ڪندي پوءِ به کين 5 مهينن جي پگهار جاري ڪري ڇڏي. ملازمن جو وڪيل چيو ته سمورا ملازم پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهيا آهن جيڪڏهن ملازم غير حاضر آهن ته ايڇ ايم سي رڪارڊ پيش ڪري، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايڇ ايم سي کي ملازمن جي ڀرتين ۽ ڊيوٽين تي حاضري وارو رڪارڊ 24 جون تي عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.