عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) عثمان شاھ جي ڳوٺ پياروخاصخيلي جي رهواسين جو عمر ساند پوليس خلاف قيصر سنهڙو اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ دودوخاصخيلي،محرم خاصخيلي،اميرخاصخيلي۽ ٻين جو چوڻ هو ته عمرساند ٿاڻي جي ننڍي منشي پوليس وٺي اسان جي گهرن تي بنا  جواز چڙهائي ڪري عورتن سان بدتميزي ڪئي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو  وڃي.