عبدالقادر مري ۽ سلامت لاکو تڪرار: سلامت لاکو سوڌو ٻن ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

0
232
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽنڊو الهيار ۾ پ پ اڳواڻ عبدالقادر مري ۽ ٽرانسپورٽر سلامت لاکو وچ ۾ تڪرار ماٺو نه ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد اغوا سوڌو ٻين الزامن تحت داخل ڪيسز ۾ سلامت لاکو سوڌو ٻن ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آھي.

جوابدارن کي 20-20 هزار رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم، درخواستگذار سلامت لاکو موقف اختيار ڪيو ته هڪ مهيني ۾ سندس خلاف 21 ڪيسز انتقام تحت داخل ڪيا ويا، عدالت ڌُرين جا موقف ٻڌڻ بعد ضمانت درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.