عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي: مرتضيٰ سولنگي

0
136

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جي نه ڪا ايجنڊا آهي ۽ نه وري اهڙو ڪو معاملو غور هيٺ آهي

جڏهن ته  نون ليگ ۾ تازو شامل ٿيل اڳواڻ راجا رياض به پي ٽي آءِ کي چونڊن مان ٻاهر رکڻ واري پنهنجي پراڻي بيان تان هٿ کڻي ويو

 راجا رياض جو چوڻ آهي ته هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ کي چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏني ويندي، ان کان اڳ راجا رياض جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ يا سندس چونڊ نشان بيٽ ڏسڻ لاءِ نه ملنديون