ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻن سينيئر رانديگرن عماد وسيم ۽ محمد عامر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي بدترين ۽ ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عامر ۽ عماد وسيم پاڪستان طرفان پنهنجي آخري ميچ آئرلينڊ خلاف کيڏي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندا. ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ رٽائرمينٽ واپس وٺندڙ ٻنهي رانديگرن جي ميگا ايونٽ ۾ ڪارڪردگي اميدن پتاندڙ نه رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪرڪيٽرز طرفان تمام جلد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو باظابطا اعلان ڪيو ويندو، جنهن بعد محمد عامر ۽ عماد وسيم صرف ليگ ڪرڪيٽ ۾ کيڏندا.