عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي الزام ۾ دانيا شاهه طرفان ضمانت لاءِ درخواست داخل

0
285
عامر لياقت جي بيواهه

ڪراچي: عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار سندس بيوهه دانيا شاهه ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
سٽي ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران دانيا جي وڪيل چيو ته دانيا شاهه نه ڪا وڊيو ٺاهي آهي ۽ نه ليڪ ڪئي آهي
وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عامر لياقت پنهنجي حياتيءَ ۾ دانيا شاهه خلاف ڪڏهن به ڪا شڪايت داخل نه ڪرائي هئي
وڪيل موجب دانيا کي وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ کيس ڦاسايو پيو وڃي
عدالت دانيا شاهه کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي