لاهور(شُوبز نيوز)گونگا سائين جي مينيجر ثقلين موجب هن جي جنازي نماز 11 وڳي سبزه زار لياقت چوڪ ويجهو ادا ڪئي وئي جڏهن ته تدفين ٺوڪر نيازبيگ جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.گونگو سائين پپو سائين سان گڏ پرفارم ڪندو هو ۽ هن ڪيترن ئي ملڪن ۽ عالمي فيسٽيولز ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو.گونگا سائين ۽ پپو سائين جي جوڙي پنهنجي طرز موسيقي ۽ رقص کي وڏي ڪاميابي سان يورپ جي صوفي حلقن ۾ روشناس ڪرايو.هو تقريبن سمورن مسلم ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪا هئا، تازو ان جوڙي کي بي بي سي جي عالمي مقابلي ۾ بهترين ڏکڻ ايشيائي موسيقي جو انعام ڏنو ويو هو.گونگا سائين جي ڪاميابي جو سبب صوفي طرز جي ڍول جي ٿاپ تي ديوانن وانگي رقص هو، اهو رقص هو پاڻ ڍول وڄائي ڪندو هو، ان جو اهڙو لازوال فن جو مظاهرو هر جمعي جي رات شاهه جمال جي مزار تي نظر ايندو هو.