عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ نعريبازي تي منهنجو جواب نامناسب هو: بلاول ڀٽو زرداري

0
378

پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ نعريبازي تي منهنجو جواب نامناسب هو، اِن کان بهتر جواب ڏيڻ گهرجي ها

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل ڏينهن ڪانفرنس ۾ لڳندڙ نعرا نامناسب هئا، اسان جي جماعت سوڌو ٻين پارٽيز جي ماڻهن نعرا هنيا هئا

هن چيو ته اسان سڀ دهشتگردي جي باهه جو شڪار آهيون، فوجي جوان پهرين صف ۾ دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهن
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي سياست ۽ نعريبازي وقت سوچڻ گهرجي ته شهيدن جي پونيئرن جي دل آزاري نه ٿئي
وزيراعظم شهباز شريف به ڪانفرنس ۾ ادارن خلاف نعريبازي کي نامناسب قرار ڏئي ڇڏيو