عادلپور: جي يو آءِ پاران پير مبارڪ شاهه بغدادي ۾ ڪيمپ قائم

0
241
عادلپور: جي يو آءِ پاران

عادلپور(ن پ ا ) جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پير مبارڪ شاھه بغدادي تي قافلي جي صورت ۾ پهتو عادلپور ۾ لڳ جي يو آءِ جو پير مبارڪ شاهه بغدادي تي جلسو منعقد ڪيو ويو

جي يو آءِ جي اميدوار منير سولنگي جي حمايت ۾ ڪيمپ به لڳائي وئي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو ته جي يو آءِ جو ڪو به ڪارڪن لاوارث يا اڪيلو نه آهي نه ئي اهي پاڻ کي اڪيلو سمجهين ڪنهن کي طاقت ناهي ته منهنجي ڪارڪنن ڏي ميري اک کڻي ڏسي پيپلزپارٽي پنهنجي مرضي سان بلدياتي بل منظور ڪرايو

،آر اوز ڊي آر اوز پنهنجي مرضي جا مقرر ڪرايو ، پيسن ،گاڏين، نوڪرين ٽرانسفارمرن ۽ روڊن جي لالچ ڏئي ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جلسي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ اسحاق لغاري، حاجي عبدالقيوم ڪلوڙ، غلام فريد چنه عبدالهادي ڪلوڙ منير سولنگي ۽ ٻيا ساڻس گڏ موجود هئا