ظالم ڪراچي

0
240
شاگرد صرف اسڪولن ۾ نه آهن..!!

دنيا جي سڀني “ميٽروپوليٽن” شهرن ۾ زندگي مشين وانگي هلندي آهي. زندگيءَ جو ڦيٿو اُت  اَٺ ئي پهر (ٻين لفظن ۾) 24 ئي ڪلاڪ روان دوان رهندو آهي. ڳوٺن ۽ شهرن جي زندگين ۾ به زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي.اهڙي طرح پاڪستان جي ڪراچي ۽ لاهور وغيره ۾ انسان نه ڄڻ ته “مشيني ماڻهو” هلندي ڦرندي نظر ايندا آهن، جتي 24 ئي ڪلاڪ زندگي روڊن تي ڊوڙندي نظر ايندي آهي.  انهن وڏن شهرن ۾ هر ماڻهو بس پنهنجي پنهنجي ڪم کي ڇِڪي رکڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل نظر ايندو آهي، انڪري اُتي اڪثريتي سوچ “ڪاروباري” آهي. وڏن ڪارخانن، شاپنگ مولز کان وٺي فُٽ پاٿ تي ويهي هٿ ڏسي قسمت جو حال ٻڌائڻ وارن توڙي ريڙهين تي لَنڊي جو سامان کپائيندڙن تائين هر ڪو چاهيندو آهي ته وٽس ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڏوڪڙ اچن، مال اچي.

ان صورتحال ۾ هر سوچ وارو ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪاروباري مورچي تي ڪات ڪُهاڙا کڻي بيٺل  نظر ايندو آهي، خريدار ڄڻ ته انهن جو شڪار هجي ۽ اُهي سڀ ان تي ڄار وجهڻ وارا شڪاري هجن. هتي ڪات سان ڪُهڻ کان وٺي نَنھُه سان گوشت ڇِڪي ڪڍڻ وارا به موجود آهن ته مُنهن ۾ مُلان ۽ اندر ۾ ابليس واري خيال جا ماڻهو به موجود آهن. (اوهان جنهن ماڻهو سان ڳالهايو ٿا تنهن جي باري ۾ پڪ نٿي ڪري سگهجي ته فرشتو آهي يا شيطان.) سياسي چالباز به موجود آهن ته مذهبي چاٽو چَٽائي لُٽڻ وارا به موجود آهن! مطلب جيڪو جنهن طريقي سان ڦاسي ان کي اُن طريقي سان ڦاسائڻ وارا مَها کلاڙي ملندا…

گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪراچي توڙي لاهور ايندي ويندي مون جهڙي نج ڳوٺاڻي طبعيت ۽ خيال واري ماڻهوءَ کي انهن ٻنهي شهرن وڏا تجربا ڪرايا آهن.. کلايو به آهي ته روئاريو به آهي.. مزو به ڏنو آهي ته بَد دل به ڪيو آهي.. اکيون ٿڌيون به ڪرايون آهن ته اکيون ساڙيون به آهن.. رُوح کي راحت به بخشي آهي  ته رُوح کي رهڙا به ڏنا آهن، دل ٽوڙي به آهي ته دل جوڙي به آهي. مطلب ته مجموعي طور تي انهن وڏن شهرن جي وهنوار جا منهنجي دل، دماغ ۽ سائڪو تي اڻ مِٽ نقش ٺهي ويا آهن، جيڪي وقت بَوقت مونکي ياد ايندا آهن ۽ ان جي باري ۾ مختلف راءِ يا سوچ جُڙندي ۽ ڊهندي رهندي آهي..

ڪراچي جتي وڏا وڏا بلڊر، سياستدان، صنعتڪار، بيورو ڪريٽ، ڪاروباري، آرڪيٽيڪٽ، ٽيڪنوڪريٽ، آرٽسٽ، فنڪار، ليکڪ ۽ شاعر رهن ٿا اُت فُٽ پاٿن تي ڪيڙن ماڪوڙن وانگي زندگي گذاريندڙ مسڪين،مفلس، نادار، اپاهج، مزدور طبقو،  معذور، ،پيشيور پينو،  نشئي، موالي، هيروئيني ۽ زندگي جا ستايل لکين ماڻهو پڻ جيئڻ جي جستجو لاءِ سڙڪن تي ڀٽڪندي ملندا… هڪ پاسي ڪروڙن جي فليٽن ۽ بنگلن ۾ زندگيءَ جو هر سُک ۽ آسائش ماڻيندڙ دولتمند طبقو ملندو جن جا مشغلا به لوئر ڪلاس ماڻهن جي مصروفيتن کان علحدا هوندا آهن.. ته ٻئي پاسي اُجرت وارو ۽ ڏهاڙيدار طبقو آهي جيڪو سوير اُٿي پنهنجي پنهنجي غريباڻي ڪِرت سان لڳي ويندو آهي…. هت اَپر ڪلاس طبقو (هاءِ سوسائٽي) ٽِپهري جو جاڳندو آهي جيئن ته وٽن دولت جي فراواني آهي ان ڪري اُهي اُٿڻ شرط مختلف ڪمن لاءِ رکيل پنهنجي سيڪريٽرين، مُنشين ۽ نوڪرن کان پنهنجي ايندڙ رات جي شيڊيول جي باري  ۾ معلومات وٺندا آهن.

دنيا جي ٻين وڏن شهرن وانگي اسان جي ڪراچي به ظلم ۽ مظلوميت، ٺڳي، دوکيبازي ۽ شاطر ذهنيتن  جي پنجوڙ ۾ گهيريل آهي.. زندگي جو ٻٽو معيار، اوچ نيچ، ذات پات، قوميت ۽ اسٽيٽس جي ناسور ماڻهن کان انسانيت کسي ورتي آهي!!

اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جهڙي ميٽروپوليٽن شهر ۾ جنهن کي جتي وارو ملندو آهي اُهو اُت ٻئي جي ڳلي تي ڇُري ڦيرڻ ۾ دير ناهي ڪندو. ٽئڪسي وارن کان وٺي هوٽل وارا توڙي دڪاندار ڪنهن به شيءَ جي ڊبل قيمت ٻڌائي اوهان جي ڪنڌ تي ُُڇُري ڦيري سگهن ٿا..

تازو ڪراچي ۾ رهائش دوران هڪ هوٽل واري سان (جيڪو ڏسڻ ۾ پڪو مسلمان ۽ ديندار هو)منهنجو بحث ٿي پيو. مون چيو ته اوهان جي ڪمري ۾ رهندي مونکي مقرر وقت کان 20 منٽ وڌيڪ لڳي ويا ته اوهان 24 ڪلاڪن جا چارجز ڪهڙي حساب ۾ وٺي رهيا آهيو؟ ته ان چيو اهو هتان جو شيڊيول آهي! اوهان جيڪڏهن هڪ منٽ به مٿي وٺو ٿا ته اوهانکي ڏينهن ۽ رات مطلب 24 ڪلاڪن جا واڌو چارجز ادا ڪرڻا پوندا…  مون چيو اوهان مونکي پنج وقت جا نمازي لڳي رهيا آهيو اوهان اسانجي مذهب ۾ اهڙي منافعي جي باري ۾ ڪنهن ڪتاب ۾ ڏيکاريو… ايئن ته يهودي ۽ نُصارا به ڪاروبار ناهن ڪندا جيئن اوهان مسلمان ڪري رهيا آهيو.. ڏٺم ته همراھه جو مُنهن تپي ڳاڙهو ٿي ويو.. نيٺ مونکان 24 ڪلاڪن جا واڌو چارچز وٺي پوءِ ڇڏيائون.!

سو ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته اهڙي حساس معاملي تي شهرِ ڪراچي(يا ٻين وڏن شهرن) جتي هيٺئين طبقي جا ماڻهو پنهنجا خواب کڻي اچن ٿا، ڪاروبار ڪندڙن جي لاءِ ڪو قانون جوڙيو وڃي، جتي ايندڙ امير، غريب، عاجر، تاجر ۽ بيماري سَٽيل ماڻهن کي رليف ملي سگهي…جيئن کين وڌيڪ ڪنهن پريشانيءَ کي مُنهن ڏيڻو نه پوي!