طوفان ٽري ويو، متاثرن جو وڏو انگ آهي، ڪٿي ڪٿي پهچون؟ شيري رحمان

0
216
طوفان ٽري ويو، متاثرن جو وڏو انگ آهي، ڪٿي ڪٿي پهچون؟ شيري رحمان
طوفان ٽري ويو، متاثرن جو وڏو انگ آهي، ڪٿي ڪٿي پهچون؟ شيري رحمان

اسلام آباد: ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته الله جو فضل آهي، اسان سامونڊي طوفان جي تباهڪارين کان بچي ويا آهيون

شيري رحمان چيو ته اڄ منجهند جي اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو ته متاثرن کي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس ڪيئن آڻجي، سجاول ۾ متاثرن جي واپسي ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، آبادي وڌي وئي آهي، اسان ڪٿي ڪٿي پهچون؟

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سمنڊ ۾ بپر جواءِ ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وقت تائين رهيو، جڏهن ته سمنڊن ۾ گرمي پد وڌڻ به طوفانن جو هڪ سبب آهي

هن چيو ته ڪوشش آهي ته متاثرن کي جلد پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن واپس پهچايون، پر اُن ۾ وقت لڳندو

هي به پڙهندا

طوفان ٽري ويو، وسڪارن شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا: بازارون تلاءُ ۾ تبديل