طالبان جي دنيا کي درخواست يا ڌمڪي؟

0
252
طاقتور ديوتا جي پوڄاري سياست

 افغان طالبانن ٻيو دفعو اقتدار تي قابض ٿيڻ کان پوءِ اڃان حڪومتي جوڙجڪ پوري طرح سان به نه ڪئي آهي ته انهن پوري سرمائيدار ۽ سامراجي دنيا کي مدد جي اپيل ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هنن جي اپيل ۾ اها ڪيفيت شامل ناهي جيڪا هڪ ڊگھي عرصي تائين جنگ جي تباهي ڀوڳيندڙ ملڪ ۾ قائم ٿيل نئين حڪومت جي هجڻ گھرجي پر انهيءَ جي ابتڙ طالبانن جو اهوئي پراڻو انداز دهرائجي پيو ته ( دنيا جيڪڏهن اسان جي مالي امداد نه ڪئي ته افغانستان شديد بحران جو شڪار ٿيندو ۽ ان بحران جا اثر ايشيا جي هن خطي تي پوڻ سان گڏوگڏ پوري دنيا تي پوڻ شروع ٿيندا تنهن ڪري دنيا جيڪڏهن چاهي ٿي ته ڪو بحران پيدا نه ٿئي ته هو افغان حڪومت يعني طالبان حڪومت جي مالي مدد ڪري). طالبانن جي اها درخواست جنهن کي پاڻ ڌمڪي ڀريل درخواست  چئي ٿا سگھون ته سمجھه ۾ اچي ٿو پر اهو ساڳيو لب ۽ لهجو ٿورڙي معمولي فرق سان جڏهن پاڪستاني حڪومت ۽ اسان جي ٽئلينٽيڊ وزير اعظم عمران خان جو به هجي ته پوءِ يقينن ڪجھه نه ڪجھه حيرت جو مقام پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن افغانستان جي موجوده حڪومت جي مالي واهر نه ٿي ته پوءِ افغانستان جي اندر شديد ڪشمڪش پيدا ٿيندي. پاڻ اهو نٿا دهرايون ته هن ملڪ جي تمام اثر انداز ٿيندڙ ادارن جو به لب ۽ لهجو اهوئي آهي پر وڌيڪ بحث ۽ دنيا جون نگاهون پاڪستاني حڪومت ۽ وزير اعظم ڏانهن ئي کڄنديون ته هي ڪهڙو چونڊيل جمهوري حڪومت جو وزير اعظم آهي جيڪو طالباني انداز سان ڌمڪي واري لهجي ۾ دنيا کان مدد جي طلب ڪري ٿو؟

 ٿيڻ ته ايئن گھربو هو جو پاڪستان حڪومت طالبان حڪومت جي ٿنڪ ٽينڪ ٿيندي کين اهو مشورو ڏئي ها ته هو انهن ملڪن کان ڪڏهن به مالي مدد جي اپيل نه ڪن جن ملڪن افغان عوام کي جنگ جا زخم رسايا آهن ۽ پورو افغانستان تهس نهس ڪيو آهي. افغان حڪومت کي اسان جو خوددار وزير اعظم هي به سمجھائي پئي سگھيو ته افغانستان کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ افغان عوام کي اپيل ڪري ۽ انهن افغانين کي اپيل ڪري جن جنگ ۽ طالباني ڏهڪاءَ کان خوفزده ٿي جلاوطني اختيار ڪئي آهي، هو انهيءَ عوام کي اپيل ڪن. پوري دنيا جي اندر جيترا افغاني لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن انهن ۾ واپاري ،ٽيڪنيڪل اسڪلڊ ، تعليمي ماهر ۽ سائنٽسٽ شامل آهن اهي سڀئي ماڻهو واپس اچي جيڪڏهن وطن ۾ سيڙپڪاري ڪن پنهنجي صلاحيتن جو فائدو پنهنجي عوام کي ڏين ته افغانستان ڏسندي ڏسندي نئين تعمير جي ان منزل تي پهچي سگھي ٿو جو پوري دنيا انهيءَ مان سبق سکي. افغانستان پنهنجي عوام جي طاقت سان نئين سر تعمير ڪري نئين تاريخ ۽ جديد دنيا ڏانهن وک وڌائي پاڻ کي امر ڪري سگھي ٿو، ليڪن انهيءَ جي ابتڙ پاڪستان حڪومت ۽ طالبان حڪومت روايتي ذهنيت جو مظاهرو ڪندي ڪشتا تحريڪ شروع ڪرڻ جي بيان بازي ۾ رڌل آهن.

 دنيا جا سامراجي ملڪ پنهنجي مفادن جي بنيادن تي ڪنهن جا به دوست ۽ دشمن ناهن هوندا سامراجي مفاد صرف ۽ صرف استحصالي حاصلات جي حڪمت عملي جي بنيادن تي هوندا آهن، تنهن ڪري هي امڪان رد نٿا ڪري سگھجن ته انسانيت ۽ عوام جي نالي تي سامراجي دنيا افغان حڪومت يعني طالبانن کي ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۽ ڍنگ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مدد ڪرڻ شروع ڪري. انهيءَ سان گڏوگڏ هن وقت چين به پنهنجا پر جيڪي هن کنڊ ۾ ڦهلائي رهيو آهي انهيءَ جو ڇانورو به افغانستان تي اچي سگھي ٿو. انهن سڀني ملڪن جي سيڙپڪاري ۽ امداد ايتري هوندي جو افغان عوام صرف اها زندگي گذاريندو جهن کي اسين ڀٽائي جي سٽ ۾ دهرائيندي آهيون ته “ آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا”. افغانستان عوامي طاقت سان پنهنجي ترقي ڪري اهو ڪنهن به صورت ۾ سامراجي ملڪن جي مفادن ۾ ناهي ۽ نه وري طالبان ٿيوڪريٽڪ حڪومت پنهنجي ملڪي ترقيءَ ۾ عوام کي شامل ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيندي ڇو ته جيڪڏهن عوام کي ترقي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ طالبان تيار ٿيندا ته انهن لاءِ لازمي آهي ته هو جمهوريت جو رستو اختيار ڪن ۽ جمهوري حڪومت جيڪو نظام لاڳو ڪري انهيءَ کي من وعن قبول ڪن. طالبان ٿيوڪريٽس مان اهڙي قسم جي اميد رکڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنن جي بجاءِ اکين سان ٻڌجي ۽ ڪنن سان ڏسجي.

 ٿيوڪريٽ فطرت جي اندر خوشحاليءَ جو تصور اٽي ۾ لوڻ برابر هوندو آهي هنن وٽ حڪومت ڪرڻ جو تصور صرف ۽ صرف جبر جي بنيادن تي هجي ٿو، اهو جبر جو ڏهڪاءُ جيترو وڌيڪ طاقتور هوندو انهن جي تصور ۾ اها حڪومت وڌيڪ بهتر ۽ طاقتور هوندي. هاڻي جيڪڏهن پوري دنيا جون سامراجي قوتون افغان حڪومت جي مدد به ڪن ته ڇا اها مدد جمهوريت جي قائم ڪرڻ جي اصولن تي هوندي، يقينن نه ڇو ته هنن کي اها به خبر آهي ته نه اهو انهن جي مفاد ۾ آهي نه اهو مطالبو طالبان تسليم ڪندا، پر هتي ٻيو سوال وڌيڪ بنيادي اهميت اختيار  پيو ڪري ته پاڪستان سرڪار جي طالبان نوازي امن جي قيام جي لاءِ آهي يا پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي لاءِ؟ جيڪڏهن انهيءَ سوال کي به آساني سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته جواب اهوئي ملي ويندو ته پاڪستاني سرڪار افغانستان کي پنهنجي بالادستي يعني هيٺ رکڻ لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جي نالي تي طالبان حڪومت مضبوط ڪرڻ گھري ٿي، ليڪن ان جو بيڪ فائر نتيجو سوچڻ ۽ سمجھڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي. پاڪستاني حڪومت اهوئي ٿي سمجھي ته افغانستان ۾ طالبان کي افغان عوام ڪنهن به صورت ۾ چئلينج نٿو ڪري ۽ نه ڪا افغانستان ۾ جمهوري تحريڪ هلي ٿي سگھي جيڪڏهن ڪا به تحريڪ هلي ته طالبان ان کي چٿي ڇڏيندا. ڇا اهو ممڪن آهي ته چاليهن سالن جي جنگي ڪشمڪش ۾ رهندڙ افغان عوام جنهن هر روز رياست جي معاملن ۾ سڌو سنئون شامل رهندي بحث ڪيو آهي اهو عوام خاموش ٿي وڃي؟ اهو ممڪن ئي ناهي ۽ نه وري افغانستان مان ويندڙ ٻاهرين دنيا ۾ آباد ٿيندڙ افغاني پنهنجي ملڪ کان لاتعلق ٿي رهي سگھن ٿا. افغانين ۾ وطن پرستي ايتري شديد آهي جو هو جتي به هوندا ته پنهنجي ڪلچر پنهنجي روايتن ۽ پنهنجي وطن جي آسيس کي پاڻ کان جدا ناهن ڪري سگھندا اهي پنهنجو پورو وطن طالباني آمريت جي حوالي ڪري خاموش رهي نٿا سگھن ۽ نه وري افغانستان جي اندر رهندڙ عوام جنهن ۾ خاص ڪري مڊل ڪلاس اهو خاموش رهي زندگي گذاري، اهو ممڪن ئي ناهي طالبان جو دٻاءُ اڳ غير ملڪي فوجين خلاف جهادي تصور جي بنيادن تي هو.

پاڻ افعان عوام جڏهن پنهنجو جمهوري حق گھرندو ته ان عوام سان گڏ پوري دنيا جي عوام  جون همدرديون هونديون پر جيڪڏهن ڪا تحريڪ نه به هلي يعني ڪجھه وقت کان پوءِ تحريڪ قدم کڻي ليڪن عوام جي اندر  انهن جي دل ۽ دماغ تي پنهنجي جمهوريت جي لاءِ جيڪا محبت هوندي انهيءَ جا اثر لازمي طور تي پاڪستان حڪومت تي پوندا. افغان عوام جيڪو ٺيڪ طرح سان هي سمجھي ٿو ته اسان جي مفادن جو تحفظ ڇا ۾ آهي ڪهڙي حڪومت هنن جي بنيادي حقن جي سوال تي طالبان سان ڳالهائي ٿي جيڪڏهن پاڪستان حڪومت پنهنجي نيريٽو کي چينج نه ڪيو ته پوءِ مستقبل ۾ افغانستان جو عوام پاڪستاني حڪومت کان رڳو نفرت نه ڪندو پر هو پاڪستان عوام کان به نفرت ڪندو. معاملو صرف ايستائين ناهي انهي سان گڏوگڏ پوري دنيا ۾ اسان جو اميج هي قائم ٿيندو ته اسان بنياد پرستي جي سياست ۽ حڪومت کي تسليم ڪندي انهيءَ کي طاقتور به ڪيون ٿا، يعني اسان اڻ سڌي طرح سان نه پر سڌيءَ طرح سان انهن الزامن جي تصديق پيان ڪريون جيڪي وقتن به وقتن پاڪستان تي ۽ حڪومتن تي لڳندا رهيا آهن. پاڻ هي نٿا دهرايون ته ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ  جي واپس ٿي، انگلينڊ پوئتي قدم ڪيا جن جو سبب به سيڪيورٽي خدشن جي بنيادن تي هو. سڀاڻي عالمي ميڊيا پاڪستان کي جنهن رنگ ۾ پيش ڪندي انهيءَ جو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي پر انهيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ اثر انهن پاليسين جو ملڪ جي داخلي انتهاپسند لاڙن کي هٿي ڏيندو ۽ هڪ ٻي ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي جيڪا ڇڪتاڻ هن ملڪ جي سياست ۽ معيشت ٻنهي کي ڪمزور ڪندي، جنهن کان پوءِ اسان جي حالت شايد افغانستان کان به ٻه قدم پوئتي ٿي وڃي.

ڀلي هن ملڪ جو رولنگ ڪلاس ۽  حڪمران پنهنجا اسيٽس ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ سمجھندي بيخوف رهن ليڪن تاريخ جي هي حقيقت سڀني کي سمجھڻ گھرجي ته جن لاءِ وطن اهميت نٿو رکي ۽ پنهنجا ماڻهو غير اهم آهن اهو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ پاڻ کي محفوظ نٿو ڪري سگھي. طالبان جي لاءِ ڌمڪي وري درخواست دنيا کي ڏيڻ کان پهريان ضروري آهي ته طالبان حڪومت کان وڌيڪ اهميت افغان عوام کي ڏني وڃي ۽ مدد جو شرط جمهوريت جي مطالبي سان لازمي ڳنڍڻ گھرجي اهوئي عوام لاءِ همدردي ۽ درخواست جو اصول آهي.