طالبان جي دعويٰ آهي ته انهن جو افغانستان جي 85 سيڪڙو علائقي تي قبضو ٿي چڪو آهي. انهي دعويٰ ۾ صداقت ڪيتري ٿي سگهي ٿي انهي لاءِ ڪجهه يقين سان ته نه ٿو چئي سگهجي، پر اندازو ڪري سگهجي ٿو ته قنڌار مان انڊيا پنهنجي سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو آهي. جڏهن ته قنڌار جي ٻاهران افغان سرڪار جي فوجن کان اڪثر چيڪ پوسٽون طالبان بنا ڪنهن وڏي ٽڪراءُ يا ويڙهه جي قبضو ڪري ورتيون آهن. پاڪستان، ايران ۽ تاجڪستان سان ملندڙ سرحدي علائقن ۽ مکيا رستن تي پڻ طالبان قبضو حاصل ڪري ورتو آهي. اهڙي صورتحال جي هوندي افغان طالبان جو هڪڙو وفد روس ۾ موجود آهي، جيڪو انهن کي يقين ڏياري رهيو آهي ته آمريڪا جي مدد سان هلندڙ اشرف غني جي حڪومت پڄاڻي تي پهچڻ واري آهي. اوهان اسان جي ڪهڙي مدد ڪندا؟ ٻئي طرف طالبان چين کي به يقين ڏياري رهيا آهن ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي قيام بعد اوغويور مسلمانن جي معاملي ۾ هو ڪا به مداخلت نه ڪندا. تنهنڪري افغانستان جي اندر تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ ڪنهن به طرح چين طالبان جي ڪا مخالفت نه ڪري! ۽ ساڳئي وقت دوحا ڳالهين جي دوران طالبان آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن کي به اهو يقين ڏياري چڪا آهن ته جيڪڏهن انهن جي افغانستان ۾ حڪمراني قائم ٿيڻ جي آڏو هو ڪا به رڪاوٽ نه بڻبا ته طالبان افغانستان جي سرزمين سندن ملڪن ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ ڪونه ڏيندا. هندستان ۽ پاڪستان کي به انهي طرح جي خاطري طالبان ڪرائيندا رهيا آهن ته سندن معاملن ۾ افغانستان اندر ايندڙ تبديلي ۾ جيڪڏهن هو مداخلت نه ڪندا ته طالبان کي به ڪا ضرورت ڪونهي جو هو به سندن خلاف ڪا ڪارروائي ڪن.
هڪ طرف طالبان سڀني کي اها خاطري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ته ڪير به انهن مان ڪو خطرو محسوس نه ڪري، پر ٻئي طرف افغانستان جي پاڙيسري ملڪن سميت آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن کي ڪو يقين ڪونهي ته طالبان جي افغانستان ۾ حڪومت قائم ٿيڻ بعد صورتحال ڪهڙي بيهندي! افغانستان جي تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان آمريڪا ۽ ناٽو فوجون افغانستان ۾ جلدبازي ۾ نڪري ويون آهن انهي سان افغانستان جو خانا جنگي کان بچي سگهڻ ڪنهن به طرح ناممڪن آهي. هن وقت ئي ڪيترن علائقن مان مقامي طور تيزي سان لڏپلاڻ شروع ٿي چڪي آهي. ٻيو جيڪو اهم مسئلو هن وقت افغانستان ۾ سامهون اچي رهيو آهي اهو آهي سرڪاري نظام جو خاتمو. جتان به افغان سرڪار جو ڪنٽرول ختم ٿيندو پيو وڃي اتي طالبان پنهنجو ڪنٽرول ته حاصل ڪري رهيا آهن، پر انهن وٽ هن وقت ڪو حڪمراني جو سسٽم ڪونهي، جنهن سان اتي جي ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ کان وٺي دوا دارون ۽ ٻيون بنيادي ضرورت جون شيون ۽ رسد جو بندوبست ڪري سگهن. انهي مان مراد اها ٿي ته جيستائين اقتدار جي منتقلي ٿئي ۽ ڪابل تي طالبان جو راڄ قائم ٿئي يا وري طالبان جو وري خاتمو ٿئي ڪنهن ٻي قوت جو مڪمل طور افغانستان تي راڄ ٿئي تيسين افغانستان جي اندر اڪثريت علائقن تي ڪا به حڪمراني نه هوندي. جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو راڄ هوندو. جنهن وٽ جيتري طاقت هوندي اوتري علائقي تي انهي جو راڄ هوندو.
اهڙي صورتحال کي ڏسندي افغانستان جي سڀني پاڙيسري ملڪن جي لاءِ هڪڙي پريشاني اها وڌي آهي ته لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ جو بار پاڪستان، ايران ۽ تاجڪستان تي تيزي سان وڌڻو آهي. افغانستان اندر توڙي ٻاهر انهن سرحدي ملڪن ۾ اسلامي فرقيواريت جو واڌارو ۽ انهي جي نتيجي ۾ ٽڪراءُ جو ٿيڻ اڻٽر آهي. خود افغانستان اندر هن وقت جيڪا صورتحال جڙي آهي انهي ۾ ڪابل اندر ويٺل سرڪاري ڌر جي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته طالبان سان امن معاهدا ڪري پرامن طريقي سان معاملي جو حل ڪڍڻ گهرجي. جنهن مان مراد اها ٿي ته موجوده اشرف غني حڪومت آمريڪا جي واپس وڃڻ بعد طالبان سان اقتدار جي پرامن منتقلي جو بندوبست ڪري ته اهو سڀني لاءِ بهتر هوندو. ڪابل جي حڪومت جيتوڻيڪ اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته افغانستان جي ڪنهن به مکيا شهر تي طالبان جو قبضو ڪونهي، پر گڏوگڏ اهو پڻ تسليم ڪري رهي آهي ته آمريڪا ۽ ناٽو فوجن جو افغانستان مان جلدبازي ۾ نڪري وڃڻ سبب طالبان تيزي سان اڳڀرائي ڪري رهيا آهن. اهو تيزي سان طالبان جي اڳتي وڌڻ وارو اقرار کليل اشارو آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ڪابل تي پڻ طالبان جي حڪومت قائم ٿي ويندي. جنهن جوافغانستان جي اشرف غني سرڪار ۽ آمريڪا سميت سموري دنيا کي پڻ يقين آهي ته طالبان کي افغانستان جي حڪومت حاصل ڪرڻ کان هن وقت روڪي نه ٿو سگهجي.
طالبان جي موجوده دور جي قيادت ۾ سموري افغانستان تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي طاقت ڪيتري آهي؟ ۽ هن بدليل صورتحال ۾ طالبان قيادت جي حڪمراني ڪرڻ جي صلاحيت ڪيتري آهي؟ ان جو اندازو ڪجهه ئي مهينن ۾ ٿي ويندو، پر جنهن طرح عالمي ميڊيا طالبان جي تيزي سان افغانستان جي علائقن تي قبضي ٿيڻ جي خبرن کي ڦهلائي رهي آهي انهي مان لڳي ٿو ته يا ته طالبان جي پهرين کان مڪمل تياري هئي ته سندن افغانستان تي قبضي جون خبرون جيئن جيئن عالمي ميڊيا تي پکڙجنديون وينديون هو پنهنجي اڳڀرائي به اوترو تيزي سان ڪندا ويندا ۽ انهن خبرن جي آڌار ئي ماڻهو توڙي افغان فوجون طالبان جي لاءِ رستا شهر ۽ چوڪيون خالي ڪندا ويندا. يا وري انهي ميڊيا جي هينڊلنگ جو ڪم ڪنهن دنيا جي سگهاري قوت جي هٿ ۾ آهي جيڪا انهي پروپيگنڊا جي وسيلي طالبان جي فتح لاءِ رستا هموار ڪندي پئي وڃي. هن وقت تائين جيتريون خبرون اچي رهيون آهن انهن ۾ ڪٿي به ڪا طالبان جي آڏو ڪنهن وڏي رڪاوٽ يا فوجي ڪارروائي نظر نه اچي رهي آهي، بس رڳو طالبان جي اڳڀرائي جون خبرون ئي ميڊيا تي ڇانيل آهن. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هڪ رٿابندي تحت طالبان جي فتح کي خبرن ۾ ڦهلائي سموري افغانستان جي عوام توڙي دنيا کي اهو بانور ڪرائڻو آهي ته طالبان جي طاقت آڏو ڪير به نه ٿو اچي سگهي. 20 سالن بعد آمريڪا به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي شڪست قبول ڪري واپس ٿي ويو ۽ لڳي ٿو ته هاڻي باقي سموري دنيا کي به اهو قبول ڪرڻو پئجي ويندو، ته افغانستان اندر ڪنهن جي به حڪمراني قائم ٿئي ڪهڙو به نظام اچي اهو اتي جي ماڻهن کي اختيار هجڻ گهرجي. ٻاهرين طاقتن جي سوچ تحت نه روسي انقلاب افغانستان ۾ ڪامياب ٿي سگهيو، نه آمريڪا جي امداد ۽ فوجي مدد تي اسلامي جمهوري نظام ڪاميابي ماڻي سگهيو، تنهن ڪري هاڻي نئين دور جي سياسي سوچ سمجهه رکندڙ طالبان جي مفاد ۾ آمريڪا دوحا ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان جي سياسي معاملن مان نڪري وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. انهي سموري نئين تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ آمريڪا سمجهي چڪو آهي ته ڊگهي ويڙهه بعد به کين ڪجهه ورڻو ڪونهي، تنهڪري طالبان سان ڪنهن معاهدي تحت اتان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
آمريڪا پنهنجي جان ڇڏائڻ خاطر اهو ڪيو آهي يا انهي جي پٺيان به ڪا انهن جي مستقبل جي رٿا آهي انهي جو به اندازو جلد ٿي ويندو. طالبان جي افغانستان ۾ وڌندڙ طاقت جي نتيجي ۾ جيڪڏهن اتي ايندڙ ڏهاڪي تائين وري اتي جنگي ماحول جڙي ٿو ته يقيني طور انهي جو سڀ کان وڏو نقصان چين کي ٿيندو ڇاڪاڻ ته چين جا يورپ تائين پهچڻ جا رستا ۽ ايران جي بندر تائين پهچڻ جا رستا افغانستان مان ئي گذرڻا آهن.