طالبان جو 2 سئو کان وڌيڪ ضلعن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

0
237

ڪراچي(م ڊ) افغانستان مان غير ملڪي فوجين جي وڃڻ سان گڏو گڏ طالبان ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز ۾ ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچي وئي، اولهه جي سيڪيورٽي ادارن جو چوڻ آهي ته طالبان افغانستان جي ڪل 421 ضلعن مان اڪثريتي حصي تي ڪنٽرول ڪري چڪا آهن، پر طالبان جي دعويٰ آهي ته افغانستان جي 34 صوبن ۾ 2 سئو کان وڌيڪ ضلعن تي هنن جو ڪنٽرول آهي.