ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم، لياري گينگ وار ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن جو ضياءُ الدين اسپتال مان علاج ڪرائڻ واري ڪيس مان پنج شاهدن کي ڌار ڪرڻ خلاف درخواست جي جسٽس ارشد حسين پاران ٻڌڻي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٻي بينچ ڏانهن منتقل ڪندي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.