“ضمير” مطابق فيصلو ڪندڙن جو عوام جي مفادن سان ڪو تعلق آهي؟

0
166
“ضمير” مطابق فيصلو ڪندڙن جو عوام جي مفادن سان ڪو تعلق آهي؟

 ٽي ڏينهن اڳ تقريبن 24 ايم اين ايز جن جو هن وقت تائين تعلق حڪومتي ڌر يعني تحريڪ انصاف سان آهي، انهن مختلف ميڊيا چينلز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اهي قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد رٿ ۾ پنهنجو ووٽ ضمير جي مطابق ڏيندا. ياد رهي ته انهن 24 ايم اين ايز مان اڪثريت اهڙن ايم اين ايز جي آهي، جيڪي پهرين “ضمير” مطابق پيپلز پارٽي ۾ هئا، پوءِ “ضمير” مطابق نواز ليگ ۾ آيا ۽ آخر ۾ “ضمير. مطابق تحريڪ انصاف سان وابسطا ٿيا. جڏهن ته ان کان اڳ ڪيترا پنهنجي “ضمير. مطابق جنرل مشرف سان به گڏ هئا. انهن سڀني ۽ انهن جي ٻين ساٿين سڀ کان پهرين “ضمير” مطابق عمران خان کي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ووٽ ڏنا ۽ هاڻي گهڻو امڪان آهي ته اهي وري پنهنجي “ضمير” مطابق عدم اعتماد تحريڪ ۾ عمران خان جي خلاف ووٽ ڪاسٽ ڪندا، تنهن ڪري پنهنجي “زنده ضمير” مطابق سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ترسيل آهن.

پاڪستان جي 73 سالن جي  تاريخ ۾ جيڪي ايم اين ايز يا ايم پي ايز ابن ڏاڏن کان وٺي پارليامينٽ ۾ چونڊبا پيا اچن، تن مان اڪثريت مختلف وقتن تي اچي اعلان ڪندي آهي ته اسان فلاڻي اهم ۽ نازڪ مسئلي تي پنهنجي “ضمير” مطابق ووٽ ڪاسٽ ڪنداسين، بس هڪ ٻه دفعا رضا رباني صاحب يا ٻئي ڪنهن فوجي عدالتن جي معاملي تي اکين مان نير وهائي، پنهنجي “ضمير” کي پُٺي ڏئي پارٽي فيصلي تحت فوجي عدالتن جي حمايت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو، جنهن لاءِ هُن جي “ضمير” هُن کي اجازت نه پئي ڏني، پر پارٽي ڊسيپلين کي مدنظر رکي هُن کي اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو. پر اسان وٽ اڪثريت اهڙن ايم اين ايز جي آهي، جيڪي جڏهن به ملڪ ۾ صورتحال نازڪ ٿي وڃي يا صفا غيريقيني واري صورتحال موجود هجي، تڏهن انهن “زندهه ضمير” وارن مان اڪثريت اچي اعلان ڪندي آهي ته اسان پنهنجو ووٽ پنهنجي “ضمير” مطابق استعمال ڪنداسين. اهڙو انمول ۽ غيرمعمولي “ضمير” رکندڙ ايم اين ايز يا سياستدانن جي تمام ڊگهي ۽ هڪ شاندار تاريخ آهي، اچو ته اڄ پنهنجي هن صحبت ۾ ڪن اهم موقعن تي انهن “زنده ضمير” رکندڙ ايم اين ايز ۽ سياستدانن جي تاريخي جهلڪين جو ٿورو جائزو وٺون.

هي جيڪي اسان وٽ پوري ملڪ ۾ “زنده ضمير” وارا ايم اين ايز موجود آهن ۽ ٻيا جيڪي هن وقت موجود نه آهن، ٻنهي جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق آهي. گهرو تعلق ان ڪري جو جيڪي گذاري ويا آهن، انهن جو “ضمير” به زندهه هو ۽ جيڪي هن وقت موجود آهن، تن جو “ضمير” به زندهه آهي، تنهن ڪري “زندهه ضمير” انهن کي گڏايو بيٺو آهي. جڏهن به ملڪ ۽ عوام کي ڪنهن وڏي ڏچي ۾ وجهڻو هوندو آهي، تڏهن اهي “زندهه ضمير” وارا اڳيان اچي پنهنجو “ضمير” پيش ڪندا آهن. سرد جنگ دوران آمريڪا جو اتحادي ٿيڻ لاءِ به انهن “زندهه ضمير” وارن وڏو ۽ تاريخي ڪم ڪيو ۽ پنهنجي “زندهه ضمير” کي اڳيان رکي آمريڪا جي ٻن فوجي اتحادن سيٽو ۽ سينٽو ۾ شامل ٿيا. وري تاريخي قومن ۽ خطن جي تشخص کي ختم ڪري ون يونٽ نافذ ٿيڻ جو پروگرام ٿيو ته انهن “زندهه ضمير” رکندڙن ان تي پورو پورو عمل ڪيو. جنرل ايوب خان جيڪا نالي ماتر سول حڪومت ملڪ ۾ موجود هئي، تنهن کي ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ته جيڪي به “زندهه ضمير” وارا هئا، انهن مان ڪي ترت ڪي ٿوري دير سان (جن جو “ضمير” ٿوري دير سان جاڳيو) وڃي ايوبي آمريت جا پاوا ٿيا ۽ هن جا هٿ مضبوط ڪرڻ لڳا.

انهن زندهه ضمير مطابق ايوب خان کي صدر منتخب ٿيڻ لاءِ ووٽ ڏنا. پر جڏهن ساڳيو جنرل ايوب خان آمريڪي مخالفت سبب ڪمزور ٿيو ۽ اقتدار جا آخري ڏينهن آيس، تڏهن اهي “زندهه ضمير” رکندڙن ايوب خان کي الوداع چوندي دير نه ڪئي. جنرل ايوب خان کان پوءِ جنرل يحييٰ خان آيو، سڀئي “ضمير” وارا وڃي هُن جي حڪومت جو حصو ٿيا. پوءِ وري اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان جو والي وارث ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي ڪيو ويو، سڀئي “زندهه ضمير” وارا ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويا. پر جڏهن آمريڪا ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڀٽي صاحب مان بيزار ٿي پيا، تڏهن “زندهه ضمير” وارن به ڀٽي کي الوداع چيو. جنرل ضياالحق آيو، سڀئي “زندهه ضمير” رکندڙ ضيا کي سر سر چئي ضيا جي حڪومت جو حصو ٿي ويا. ضيا ويو، بينظير صاحبه آئي، “ضمير” وارا پ پ پ جو حصو ٿي حڪومت ۾ شامل ٿي ويا. 20 مهينن کان پوءِ هڙئي “ضمير” وارا وري آ جي آءِ سان اتحاد ڪري نواز شريف جي حڪومت ۾ اچي ويا.

وري ٻيو دفعو اهي “زندهه ضمير” رکندڙ بينظير صاحبه سان شامل ٿي حڪومت ۾ اهم وزارتن جا ڌڻي ٿي ويهي رهيا. بينظير صاحبه جي حڪومت وئي ته “زندهه ضمير” وارا نواز شريف جي نواز ليگ جو حصو بڻجي ويا. آڪٽوبر 1999ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ جنرل مشرف ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ته هڙئي “زندهه ضمير” وارا مشرف جا منشي ٿي ويا. مشرف حڪومت جا ڏينهن پورا ٿيا ۽ هُن جڏهن انهن “زندهه ضمير” وارن ڏانهن مدد لاءِ نهاريو ته انهن جو “زندهه ضمير. مشرف کي پُٺي ڏئي بيهي رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هُن کي مجبورن استعيفيٰ ڏئي گهر روانو ٿيڻو پيو. “زندهه ضمير” وارا وري اچي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا، پورا پنج سال اقتدار جا مزا وٺي، وري “زندهه ضمير” وارا پيپلز پارٽي کي پُٺي ڏئي وڃي نواز شريف سان گڏيا، پنج سال هُن جي حڪومت جو حصو رهيا ۽ آخري وقت ۾ هي ،زندهه ضمير” وارا وري جهانگير ترين جي جهاز ۾ چڙهي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيا ۽ ساڍا ٽي سال حڪومت مان هر قسم جو مزو وٺندا رهيا ۽ هاڻي جڏهن انهن کي خبر پئي ته عمران خان جي حڪومت جا به آخري ڏينهن اچي ويا آهن، تڏهن انهن جو “ضمير” جاڳي پيو ۽ انهن اعلان ڪيو آهي ته عدم اعتماد رٿ ۾ اهي پنهنجي “ضمير” مطابق ووٽ ڏيندا، يعني عمران خان جي خلاف.

آئون سوچان ٿو ته ون يونٽ نافذ ڪري تاريخي قومن جي وجود ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تڏهن اهي “زندهه ضمير” وارا پنهنجو قومي تشخص بچائڻ لاءِ ضمير مطابق اڳيان ڇو نه آيا؟ جڏهن نالي ماتر ئي سهي ايوب خان هڪ سول حڪومت کي ختم ڪري ملڪ ۾ پهريون دفعو مارشل لا لاڳو ڪئي، تڏهن “زندهه ضمير” وارن اڳيان اچي ان جي مذمت ڇو نه ڪئي؟ ۽ هن خلاف عوامي تحريڪ جو حصو ڇو نه بڻيا. وري جڏهن جنرل يحييٰ خان آيو، تڏهن هن جي خلاف به “زندهه ضمير” سان ڇو نه اڳيان آيا، وري جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت بلوچن ۽ پٺاڻن تي فوجي آپريشن ڪيا، تڏهن پنهنجي “زندهه ضمير” سان هن جي خلاف ڇو اٿي کڙا نه ٿيا. ان کان پوءِ جڏهن جنرل ضيا ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي تڏهن انهن “زندهه ضمير” مطابق ڀٽي صاحب جو ڇو ساٿ ڇڏي وڃي ضيا سان شامل ٿيا.

وري جڏهن ضيا سنڌي عوام جو قتل عام پئي ڪيو ۽ تقريبن 800 سئو سنڌي هن قتل ڪري ڇڏيا، تڏهن اهي “زندهه ضمير” وارا ڇو ضيا سان گڏ ويٺا هئا؟ جڏهن 1991ع ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ 1994ع ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جا اعلان پئي ڪيائون، تڏهن اهي “زندهه ضمير” وارا عوام سان ڇو نه اچي گڏ بيٺا. جنرل مشرف 1999ع ۾ مارشل لا هنئي ته ان وقت انهن “زندهه ضمير” رکندڙن ڇو نه اهڙي قسم جي آمريت خلافت مزاحمت ڪندي عوام سان ڇو نه بيٺا؟ اهي “زندهه ضمير” وارا صرف ئي صرف ٻڏندڙ ٻيڙي مان نڪري وري نئين ٻيڙي ۾ ڇو ٿا سوار ٿين. اهي سدائين اقتدار ۾ رهڻ لاءِ “زندهه ضمير” ڇو رکيو ويٺا آهن. انهن جو ”ضمير“ وسيع طرح عوام ۽ قوم جي مفادن مهل ڪيڏانهن گم ٿي ويندو آهي؟ انهن جو “زندهه ضمير” بيروزگارن سان گڏ باهه ۾ ڇو نٿو سڙي، انهن جو “زندهه ضمير” ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ ڇو نٿو زندهه ٿئي، انهن جو “ضمير” آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ ڇو نٿو اڳيان اچي، انهن جو “زندهه ضمير” قرض ۾ ٻڌندڙ ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڇو نٿو اڳيان اچي، انهن جو “زندهه ضمير” ميرٽ جي لتاڙ کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽ ٿي نٿو اچي، انهن جو “زندهه ضمير” مهانگائي کي مات ڏيڻ لاءِ مهاڏو ڇو نٿو اٽڪائي، انهن جو “زندهه ضمير” پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ملڪ ۽ عوام جي وسيع تر مفادن وٽان ترتيب ڏيڻ لاءِ ڇو نٿو اڳيان اچي؟ انهن جو “زندهه ضمير” آمريڪي غلامي مان ملڪ کي ڪڍڻ جي لاءِ اڳيان ڇو نٿو اچي؟ انهن جو “زندهه ضمير” صوبائي خود مختياري لاءِ ڇو نٿو اڳيان اچي، انهن جو “زندهه ضمير” طبقاتي نظام جي خاتمي لاءِ ٻه وکون اڳيان ڇو نٿو اچي، جمهوريت جي بالادستي جي لاءِ انهن جو “زندهه ضمير” ڇو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي. لڳي ٿو ته انهن جي “زندهه ضمير” جو بٽڻ ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، تنهن ڪري جڏهن به انهن کي ضرورت پوندي آهي، تڏهن اهي انهن جي “زندهه ضمير” واري بٽڻ کي دٻائيندا آهن ۽ اهي “زندهه ضمير” زمين تي ظاهر ٿيندا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي گذريل 73 سالن ۾ عوام سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، تنهن جو “زندهه ضمير” وارن سان پري پري تائين ڪو تعلق ناهي.

[email protected]