سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ شھري مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت جي کليل ڪچھري، وڏي تعداد ۾ شڪايتون کڻي پھتل شھري مسئلا بيان ڪرڻ کان ئي رھجي ويا، ماڻهن صوبائي وزير آڏو آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ غلطين، پاسنگ مارڪون گھٽائڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي اڻاٺ، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ ٻين معاملن بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت صوبائي وزير جي بيان ۽ آبپاشي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻا، پيپلزپارٽيءَ جي عھديدارن کي کليل ڪچھريءَ ۾ نه گھرائڻ تي سپاف ڪارڪنن جي صوبائي وزير سان منھن ماري. رپورٽ موجب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي صوبائي وزير تعليم سردار علي شاھ، پارلياماني سيڪريٽري ھير سوھو پاران سکر واڪنگ ٽريڪ تي کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي. کليل ڪچھريءَ ۾ سال 2018ع دوران ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل 10 ماسترياڻين دانھيندي چيو ته اسان کي سمورين گھرجون پوريون ڪرڻ بعد آفر آرڊر، جوائنگ آرڊر ڏنا ويا، جنھن جي ڪجهه مھينن کان پوءِ چيو ويو ته توھان پوسٽنگ جي اھل ناھيو. باقاعدگيءَ سان ڊيوٽيون ڪرڻ باوجود کين پگھارون نٿيون ڏنيون وڃن. عورتن جي حقن لاءِ آواز اُٿاريندڙ شازيا عباسيءَ چيو ته ڊيوٽي وارن هنڌن تي عورتن کي حراسمينٽ، پگھارون گھٽ ملڻ، تحفظ سميت ٻيا مسئلا ھجن ٿا. روھڙيءَ جي رھواسڻ ضمير بيگم، ھڪ شاگردياڻي، پٽڻيءَ جي رھواسي، سکر واسي الطاف حسين ۽ ٻين صوبائي وزير تعليم آڏو شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا. هڪ شاگردياڻي ڳالهائيندي چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ صحي سوال ڪيا، جيڪي انتظاميا غلط ڄاڻايا آھن، جنھن تي پنڊال ۾ موجود صوبائي وزير وائيس چانسلر چانسلر کي جواب ڏيڻ جو چيو. وائيس چانسلر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ چيو ته پيپر کڻي اچو، اسان تصديق ڪنداسين. سکر جي مختلف علائقن جي رھواسين ڊرينيج نظام ناڪارا هجڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي بابت پڻ شڪايتون ڪيون. ان تي وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ چيو ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم جاري آھن. جڏهن ته سيد سردار شاهه طرفان لطيف سرڪار متعلق ڏنل بيان خلاف کلي ڪچهري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين کليل ڪچهريءَ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس نفري کين روڪي ورتو. ان کان علاوه وڏي وزير جي هدايتن تي سکر پهتل صوبائي وزير تعليم جي کليل ڪچهري آڏو آبپاشي کاتي سنڌ جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. 27 آڪٽوبر تي صوبائي وزير آبپاشي جي حيدرآباد آفيس آڏو ڌرڻي جو به اعلان ڪيو ويو