صنم جاويد جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ واڌ

0
114

Sanam Javed - India News

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

لاهور جي سيشن عدالت ۾ صنم جاويد خلاف نواز ليگ جي آفيس کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ پوليس ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي صنم جاويد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي

ماڊل ٽائون ٿاڻي جي پوليس عدالت کي چيو ته صنم جاويد کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ان جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي

صنم جاويد جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي، عدالت پوليس جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪيو، ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي صنم جاويد جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي