صدر رڳو آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ ڏندن جي علاج ۾ رُڌل آهي: شاھد خاقان عباسي

0
254
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي چيو آھي ته صدر رڳو آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ ڏندن جي علاج ۾ رُڌل آهي، نيب چيئرمين ۽ عدالتون به وڏن اسڪينڊلز تي خاموش آهن، جيڪو پاڻ ڪم ناهي ڪري سگهندو، اُهو ٻين جي ڪمن جو ڪريڊٽ کڻندو آهي

 اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو آهي ته جتي آئين ۽ قانون پٽاندڙ نظام هلي، بي اعتمادي رٿ اُتي آندي ويندي آهي، هتي ملڪ ۾ روزانو نئون تماشو ٿي رهيو آهي، اسپيڪر به بلدياتي چونڊون وڙهندڙن ۾ پئسا ورهائي رهيو آهي، جمهوريت هجي ها ته آڊيو ڪلپ منظرعام تي اچڻ بعد اسپيڪر استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي ها، موجوده حڪومت سهارن تي هلي ٿي، بيساکيون کسڪي ويون ته حڪومت ڪِري پوندي